هاءِ ڪورٽ ۾نمبر پليٽن جي مفت فراهمي لاءِ درخواست داخل

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اجرڪ سان گڏ نمبر پليٽن جي مفت فراهمي لاءِ درخواست داخل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سماجي ڪارڪن فيضان حسين نمبر پليٽن جي تبديلي جي فيصلي خلاف درخواست  داخل ڪري ڇڏي، درخواست جي ٻڌڻي 14 جولاءِ تي ٿيندي، درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي نمبر پليٽن جي تبديلي جي فيصلي سان غريب شهري ڏکيائيون برداشت ڪري رهيا آهن، عدالت کي استدعا آهي ته شهرين کي مفت ۾ نئين نمبر پليٽون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ، شهرين تي ڏنڊ ۽ گاڏين جي ضبطي بند ڪئي وڃي، داخل درخواست ۾ موقف داخل درخواست ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، موٽر وهيڪل رجسٽريشن ونگ ، ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.