سکر(رپورٽ:اظھر علي دايو) سنڌو درياءَ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، سکر بئراج تي 24 ڪلاڪن ۾ 26 هزار ڪيوسڪ اضافو ٿي ويو آهي، گڊو بئراج تي 6,000 ڪيوسڪ اضافو ٿي ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي 5,000 ڪيوسڪ اضافو ٿي ويو آهي، گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 2 لک 69 ھزار 888 ڪيوسڪ ۽ خارج 2 لک 29 ھزار 446 ڪيوسڪ آهي، سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 1 لک 70 ھزار 720 ڪيوسڪ ۽ خارج 1 لک 18 ھزار 050 ڪيوسڪ آهي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 60 ھزار 108 ڪيوسڪ ۽ خارج 19 ھزار 123 ڪيوسڪ آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 523. 52 فوٽ آهي، پاڻي جي آمد 3 لک 9 ھزار 100 ڪيوسڪ ۽ خارج 2 لک 96 ھزار 800 ڪيوسڪ آهي، ڪابل درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو 9.36 فوٽ ۽ آمد 55 هزار 800 ڪيوسڪ آهي، ڪشن گنگا/ ڪربيلا باغ ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 57 ھزار 676 ڪيوسڪ ۽ خارج 3 لک 49 ھزار 676 ڪيوسڪ آهي، چشمه بئراج تي پاڻي جي سطح 643.6 فوٽ ۽ خارج 617.6 فوٽ آهي، پاڻي جي آمد 3 لک 72 ھزار 802 ڪيوسڪ ۽ خارج 3 لک 62 ھزار 894 ڪيوسڪ آهي، تونسا بئراج تي پاڻي جي آمد 3 لک 73 ھزار 185 ڪيوسڪ ۽ خارج 3 لک 54 ھزار 685 ڪيوسڪ آهي، منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 183.2 فوٽ آهي، پاڻي جي آمد 24 ھزار 766 ڪيوسڪ ۽ خارج 8 هزار ڪيوسڪ آهي، مرالا ۾ پاڻي جي آمد 58 هزار 822 ڪيوسڪ ۽ خارج 32 هزار 122 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، کانڪي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 52 هزار 320 ڪيوسڪ ۽ خارج45 هزار 480 ڪيوسڪ آهي، قادر آباد ۾ پاڻي جي آمد 51 هزار 265 ڪيوسڪ ۽ خارج 32 هزار 765 ڪيوسڪ، تريمو ۾ پاڻي جي آمد 43 هزار 444 ڪيوسڪ ۽ خارج 31 هزار 044 ڪيوسڪ آهي، پنجند ۾ پاڻي جي آمد 16 هزار 957 ڪيوسڪ ۽ خارج 3 هزار 697 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.