ٺل ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران فائرنگ ۾ واٽهڙو قتل

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار ) ٺل شهر جي نوناري پاڙي ۾ سومرا ۽ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران گولي  لڳڻ ڪري زخمي ٿيل واٽهڙو دودو نوناري نئون ديرو اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو، سندس پٽ فائق نوناري ٻڌايو ته سندس والد صبح جي چانهه لاءِ ٻاهران کير وٺڻ ويو ته پاڙي ۾ ٻرڙا ۽ سومرا برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪٻئي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ منهنجي والد کي گولي لڳي وئي، هن پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته ٻنهي ڌرين جي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.