دادو(رپورٽ: غوث جھتيال)دادو ۾ لاڳيتو 80 منٽن تائين جاري رھي جنھن برسات دادو ميونسپل ڪاميٽي جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي، برسات دوران ڳوٺ علي خان پتافي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 4 ورهين جو راحب علي ولد وريام پتافي دٻجي ويو، کيس بيھوشي جي حالت ۾ سول اسپتال دادو آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو، تيز برسات سبب دادو شھر جي سمورن ھيٺائين وارن رھائشي ڪالونين سميت شھر مکيه روڊ .شھر ڪاروباري بازارون ۽ شھرين جي اچڻ وڃڻ وارا رستا برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا، برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي علائقن، دڪانن ۽ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، جنهن سبب رهواسين ۽ واپارين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو، رهواسين جو چوڻ آهي ته برسات کان اڳ نه نالين جي صفائي ڪئي وئي، نه ئي پاڻي نيڪال لاءِ مشينري تيار هئي، جنهن سبب شهر سخت متاثر ٿيو آھي.