راولپنڊي(م ڊ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڀارتي پراڪسين خلاف فيصلائتي ڪاررواين جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڀارتي سهائتا ۽ سرپرستي هيٺ هلندڙ دهشتگرد پراڪسيز خلاف هر سطح تي فيصلائتي ۽ جامع ڪارروايون جاري رکڻ ضروري آهن. آءِ ايس پي آر جي مطابق، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چيو ويو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ پاڪستاني عوام جي حفاظت ۽ سلامتي پاڪ فوج جي اولين ترجيح آهي. ڪانفرنس دوران اهو پڻ چيو ويو ته ڀارت پاران ٻطرفي فوجي ڇڪتاڻ ۾ ڪنهن ٽئين ڌر کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش، هن جي بلاڪ پاليسي کي هٿي ڏيڻ جي بي بنياد ڪوشش آهي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته دنيا هاڻ واضح طور تي ڀارت جي توسيع پسند پاليسين ۽ هندوتوا انتهاپسندي جي خطرناڪ رجحانن کان بيزار ٿي رهي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، فورم کي آرمي چيف جي آمريڪا جي تاريخي ۽ منفرد دوري بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي، جتي آمريڪي قيادت آڏو پاڪستان جو موقف ٻن طرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پيش ڪيو ويو. فورم ۾ وچ اوڀر ۽ ايران سان لاڳاپيل حالتن جي تناظر ۾ داخلي ۽ خارجي سيڪيورٽي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ۽ عالمي سطح تي طاقت جي استعمال کي هڪ پاليسي اوزار طور استعمال ڪرڻ واري وڌندڙ رُجحان تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. فورم ۾ چيو ويو ته پهلگام واقعي ۾ واضح ناڪامي کانپوءِ، ڀارت هاڻ "فتنه الخوارج” ۽ "فتنه الهند” وانگر پراڪسيز ذريعي پنهنجي گندي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو مقصد ڀارت کي خطي ۾ نيٽ سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي. آءِ ايس پي آر مطابق، فورم کي پاڪ فوج جي تازين حڪمت عملين بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي، جن ۾ تبديل ٿيندڙ خطرن ۽ جنگ جي نوعيت مطابق جلدي مطابقت پيدا ڪرڻ شامل آهي. آرمي چيف پاڪ نيوي ۽ ائير فورس جي قيادت جي به واکاڻ ڪئي ته ٽنهي هٿياربند فوجن جي گڏيل هم آهنگيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي آخر ۾، آرمي چيف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ۽ ملڪ کي درپيش سڀني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي تياري تي اطمينان ظاهر ڪيو. آرمي چيف وزيراعظم سان گڏ ايران، ترڪي، آذربائيجان، سعودي عرب، ۽ يو اي اي جي دورن بابت فورم کي آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي فعال سفارتي ڪردار بابت تفصيل سان روشني وڌي. آرمي چيف ٽرائي سروسز جي هم آهنگي مضبوط ڪرڻ لاءِ سامونڊي فوج ۽ هوائي فوج جي قيادت جي تعريف پڻ ڪئي ۽ ملڪ کي درپيش سڀني خطرن خلاف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.