لاهور ۾ لاڳيتو 8 ڪلاڪ برسات، وڌيڪ 4 ڄڻا فوت

لاهور(م ڊ) موسميات کاتي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 4 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿيا، اُربع تي لاهور ۾ تيز برساتن سبب گهٽ ۾ گهٽ 9 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، پي ڊي ايم  اي جي رپورٽ موجب لاهور ۾ خميس جي صبح 8 ڪلاڪن تائين لڳاتار برسات پئي، جنهن دوران 136 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ وڌيڪ تيز برسات ٿيڻ جي اميد آهي، ٻيو اسپيل 13 جولاءِ تائين جاري رهي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.