حيدرآباد(رپورٽر) جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو صدر ثقلين سنڌي حيدرآباد مان مبينا طور کنڀجي ويو، حيدرآباد جي دهشت گردي جي انت واري خاص عدالت ۾ پيشي لاءِ پهتل ثقلين سنڌي کي عدالت ٻاهران الٽو ڪار ۾ سوار اڻڄاتل هٿياربند کنڀي کڻي ويا، ثقلين جاکرو عرف ثقلين سنڌيءَ مٿان 31 مارچ 2024ع تي ڄامشورو ٿاڻي تي دهشت گردي وارن قلمن تحت ڪيس داخل ٿيل هو، جنهن جي ٻڌڻي تي هو آيل هو، ان سلسلي ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، سنڌين نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻن محب آزاد، سارنگ جويو ۽ سنڌ شاگرد سڀا جي چيئرمين آصف جروار پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ثقلين سنڌي کي هڪ اڇي رنگ جي ڪار ۾ سوار هٿياربند کنڀي کڻي ويا آهن، ان گاڏي جي تصوير پڻ موجود آهي ۽ اها تصوير شاگردن طرفان سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي، هنن الزام هنيو ته ان گاڏي ۾ ايس ايڇ او کاڻوٺ سوار هو، هنن مطالبو ڪيو ته ثقلين سنڌي کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي.