ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) ماڊل ۽ اداڪارا حميرا اصغر علي جو لاش گهر مان هٿ اچڻ واري واقعي بابت ڪراچي جي شهري شاه زيب سهيل واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ ايس ايس پي سائوٿ ۽ ايس ايڇ او گذري کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته حميرا اصغر علي جو موت طبعي ناهي پر کيس قتل ڪيو ويو آهي، پوليس به واقعي کي ڳڻتي جوڳو ٻڌايو آهي، واقعي سبب ماڻهن ۾ ڳڻتي آهي، حميرا اصغر هڪ بااثر عورت هئي، واقعي جي وڊيو ڏسي ائين لڳي ٿو ڄڻ کيس قتل ڪيو ويو هجي، اداڪارا جو ڪٽنب سان لاتعلقي ڪرڻ به حيرت جوڳو آهي، ڪيس ۾ سندس ڪٽنب کي به نامزد ڪري جاچ ڪرائي وڃي. اداڪارا حميرا اصغر جا گهرڀاتي لاش وصول ڪرڻ ڪراچي پهتا، ڀاءُ ۽ ڀيڻويي ايس ايس پي سائوٿ سميت ٻين پوليس آفيسرن سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ گذري ٿاڻي تان ليٽر جاري ڪيو ويو. اداڪارا جا وارث ايڌي سرد خاني مان لاش لاهور کڻائي ويا. ان کان اڳ وارثن پاران لاش وصول نه ڪرڻ جي صورت ۾ ثقافت واري وزير ذوالفقار علي شاهه ۽ گورنر سنڌ تدفين جا انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.