پاڪستان جي صحافت جو هڪ روشن ڏيئو ھميشھ لاءِ وسامي ويو.هڪ باوقار، نظرياتي ۽ جرئتمند صحافي زبيده مصطفيٰ اربع جي شام ڪراچي ۾ 84 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. سندس وفات جي خبر ليکڪن، انساني حقن جي ڪارڪنن، عورتن جي حقن جي علمبردارن ۽ سچ جي ڳولا ڪندڙن کي سخت صدمو پهچايو آهي.سندس موڪلاڻي رڳو هڪ عورت صحافي جو ھن دنيا مان ھليو وڃڻ نھ آھي.بلڪھ پاڪستاني صحافت جي هڪ سونهري باب جي پڄاڻي آهي.
زبيده مصطفيٰ 1975 ۾ ”ڊان“اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ملڪ جي پھرين خاتون ھئي جنھن کي ملڪ جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار جي ايڊيٽوريل ٽيم جو حصو بڻجڻ جو اعزاز حصل ٿيو.ھن روايتي رپورٽنگ بدران اهو رستو چونڊيو جنھن تي ڪو مشڪل سان ھلڻ چاھيندو آھي، يعني عورتن، تعليم، صحت، پيدائشي حقن ۽ سماجي ناانصافين تي دليريءَ سان لکڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو.هوءَ آڱرين تي ڳڻجندڙ انھن ٿورن صحافين مان هڪ هئي،جن کي "بريڪنگ نيوز” کان وڌيڪ بد ” ڳالھائيندڙ خاموشي ” کي ترجيح ڏني ھئي.راقم جڏھن ”ڊان“ جي ٽيم جو حصو ھو تھ کيس زبيده مصطفيٰ کان صحافتي صلاحيتون سکڻ جو موقعو مليو.
هن جي لکڻ جي ايمانداري، ادارتي نزاڪت ۽ تحقيقاتي معيارن مان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. هوءَ هڪ سخت پر تمام گهڻي مهربان استاد هئي،جيڪا خاموشيءَ سان رهنمائي ڪندي ڪئي ۽ ڪڏهن لفظن سان، ڪڏهن خاموشيءَ سان سيکاري ڇڏيندي ھئي تھ سچ ڪئين لکيو وڃي.ضياءُ الحق جي مارشل لا دور ۾ جڏهن صحافت تي سينسرشپ جا پھرا عروج تي هئا، زبيده مصطفيٰ سچ سان گڏ بيٺي. دٻاءُ باوجود هن اصولي موقف تان ھٿ نھ کنيو. هن ڪڏهن به پنهنجي قلم کي جهڪڻ نه ڏنو.هن ”ڊان“ ۾ ڪيترا ئي نوان سيڪشن قائم ڪيا. جنھن ۾صحت، ُبڪس اينڊ اٿرز، ڪيريئر وائز ۽ ڪراچي نوٽ بڪ جهڙا ايڊيشن سندس سڃاڻپ بڻيا، سندس لکڻ جي انداز ۾ علمي وقار، اخلاقي جرئت ۽ ٻولي جي سادگي کيس هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني.
زبيده مصطفيٰ صرف هڪ صحافي نه هئي، هوءَ عورتن جو آواز هئي، انهن جو ھڪ ادارو ھئي. هن رڳو لکيو نھ، پر عورت صحافين جي هڪ نئين نسل کي تربيت ڏني، انهن کي اعتماد ڏنو ۽ صحافت ۾ انهن لاءِ دروازا کوليا.سندس انھن خدمتن جي اعتراف ۾ کيس بين الاقوامي ايوارڊن سان نوازيو ويو، جن ۾ انٽرنيشنل ويمن ميڊيا فائونڊيشن جو لائف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ۽ پاڪستان حڪومت جو ويمن ليڊرز ايوارڊ شامل آهن. ”ڊان“ اخبار سندس نالي تي "زبيده مصطفيٰ ايوارڊ فار جرنلسٽڪ ايڪسيلنس” پڻ شروع ڪيو، جيڪو هر سال عورت صحافين کي ڏنو ويندو آهي.
اڄ، جڏهن زبيده مصطفيٰ ھن دنيا مان موڪلائي وئي،تھ اھا رڳوهڪ فرد نھ موڪلايو آھي، پر ھي صحافت جي ضمير جو جنازو آهي. هوءَ هڪ اهڙي ھستي هئي جنهن ڪڏهن به شهرت کي پنهنجو مقصد نه بڻايو، بلڪھ سماج جي بهتري کي پنهنجو مشن سمجهيو.سندس وڃڻ سان صحافت ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهي.زبيده مصطفيٰ هلي وئي، پر سندس لکڻيون، اصول ۽ جرئت ڀري سوچ هميشه زنده رهندي.هن سيکاريو ته صحافت صرف خبر ڏيڻ جو نالو نھ آھي، اهو سماج جو آئينو ۽ ضمير جو آواز آهي.