عالمي آباديءَ جو ڏينهن هر سال 11 جولاءِ تي ملهائجي ٿو. گڏيل قومن (United Nations) پاران هن ڏينهن کي ملهائڻ جي شروعات 1989ع ٿي تڏهن دنيا جي آبادي 5 ارب انسانن کان مٿي ٽپڻ لڳي هئي ، جنهن جو مقصد دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي اثرن، ۽ انساني ترقي سان لاڳاپيل مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.دنيا انهن ڏينهن ۾ سوچڻ شروع ڪيو ته دنيا جي وڌندڙ آبادي کي روڪڻ لاءِ انهن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهايو وڃي ته جئين انساني آبادي ۾ وسيلن جي ورڇ کي مناسب انداز ۾ اناج، صحت ،تعليم ، روزگار، ۽ ٻين وسيلن جي ورڇ کي مناسب بڻائي سگهجي.دنيا وڌندڙ آبادي کي ترقي آڏو هڪ وڏو بند سمجهي ٿي دنيا جا غريب مُلڪ ان کي Population Bomb سان ڀيٽن ٿا.
پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي کي روڪڻ جي مهم خلاف مهم هلندي رهي آهي. ساڳي جاءِ تي ڪيترن ئي مذهبي ڄاڻ رکندڙ عالمن ۽ اسڪالرن وڌندڙ آبادي روڪڻ لاءِ مختصر فتوائون به جاري ڪيو هيون. 1989ع کان جڏهن دنيا جڏهن وڌندڙ آبادي خلاف مهم شروع ڪئي ان وقت پاڪستان جي آبادي 10 ڪروڙ هئي.
سال 1971ع ۾ پاڪستان ۽ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ جي آبادي 130 ملين 13 ڪروڙ هئي اوڀر ۽ اولهه پاڪستان مان مراد بنگلاديش جي آبادي 7 ڪروڙ ۽ هاڻوڪي پاڪستان جي آبادي سال 1971ع ۾ 6 ڪروڙ 60 ملين هئي. ڏهن ته ان وقت برطانيه جي آبادي 50.50 ملين ساڍا پنج ڪروڙ هئي
اڄ برطانيه جي آبادي سال 2025ع ۾ 6 ڪروڙ 95 لک آهي. معني پاڪستان جي آبادي برطانيه جي مقابلي ۾ 54 سالن م رڳو 90 لک وڌي ۽ پاڪستان جي آبادي19 ڪروڙ واڌ ڄاڻائي وئي آهي آباديءَ جا ڪجهه اھم انگ اکر 2025ع تائين دنيا جي آبادي هن8.1 ارب تائين پهچي وئي آهي دنيا ۾ آبادي جي لحاذ کان وڏي ۾ وڏو مُلڪ ڀارت آهي جنهن جي آبادي هڪ ارب 44 ڪروڙ آهي نيا جو ٻيو وڏو مُلڪ چين آهي جنهن جي آبادي هڪ ارب 41 ڪروڙ آهي ٽيون وڏو آبادي وارو مُلڪ آمريڪا آهي جنهنجي آبادي34 ڪروڙ آهي . دنيا جو چوٿون وڏو مُلڪ انڊونيشيا آهي جنهن جي آبادي 28 ڪروڙ آهي
پاڪستان دنيا جو پنجون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي، جتي آبادي 240 ملين (24 ڪروڙ) کان به مٿي آهي دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان ننڍي ۾ ننڍو مُلڪ عيسائين جو مقدس شهر ويٽگن سٽي آهي جنهنجي آبادي سال 2023ع موجب 800 فردن تي مشتمل آهي.پاڪستان ۾ آبادي جي ڪنٽرول وارو ادارو سال 1953ع PWD پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي نالي سان ٺاهيو ويو هو جنهن جو ڪم صوبن مان ڊيٽا گڏ ڪرڻ هو. سال 2010ع 18 ترميم کانپوءِ هي کاتو مڪمل طرح صوبن ڏانهن منتقل ٿيو پوءِ صوبائي PPWD پروانشل پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ٺهيوسنڌ انهي سلسلي ۾ سال 2016ع سنڌ پاپوليشن پاليسي ٺاهي ۽ صوبائي اسمبلي مان پاس ڪرايو ويو جنهن جو ڪم سال 2030ع تائين آبادي جي شرح کي گهٽائي 1.4 تائين آڻڻ آهي
. سنڌ ۾ وڌندڙ آبادي صحت، تعليم، روزگار، پاڻي، ۽ ماحول تي وڏو اثر وجهي رهي آهي.خانداني منصوبابندي بابت سماجي ڄاڻ جي کوٽ، ۽ رسائي جا مسئلا اڃا تائين وڏو چئلينج بڻيل آهن. هن سال 2025ع عالمي آبادي جي ڏينهن جي ٿيم Empowering young
people to create the families they want in a fair and hopeful world
نوجوانن کي ڀيٽي آهي جيئن هو خودمختياري سان هڪ ننڍو خاندان ٺاهي زندگي گذاري سگهن.