رپورٽون آهن ته ملڪ ۾ کنڊ جو بحران وڌي ويو آهي ۽ کنڊ جا اگهه ڪنٽرول مان نڪري ويا آهن جنهن ڪري وفاقي ڪابينا 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خبرن موجب ڪراچي ۾ کنڊ في ڪلو 200 روپيا، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ 190 روپين ۾ في ڪلو کنڊ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي.
ملڪ ۾ کنڊ جو بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي. کنڊ، جيڪا هر گهر جي عام ضرورت آهي، هاڻي اهڙي قيمت تي وڪرو ٿي رهي آهي، ڄڻ ڪا ناياب شيءَ هجي. وفاقي حڪومت آخرڪار پنج لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد کنڊ جي قيمتن ۾ توازن آڻڻ آهي. پر سوال هي آهي ته جڏهن گذريل سال کنڊ جي پيداوار ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ شوگر ملز مالڪن حڪومت کي خاطري ڪرائي هئي ته اگهه مستحڪم رهندا، ته پوءِ اڄ اهو بحران ڇو پيدا ٿيو؟ اهو تاثر هاڻ ڪو راز نه رهيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جو شعبو ڪجهه مخصوص ماڻهن جي گرفت ۾ آهي، جيڪي نه رڳو ملن جا مالڪ آهن، پر سياسي نظام جي ڍانچي ۾ به سندن پاڇو پيو آهي. ڊاڪٽر سلمان شاهه جي ان ڳالهه مان ته ”شوگر ملون هڪ قسم جو ڪارٽيل آهن، جن جو حڪومتي پاليسين تي اثر آهي“ ان حقيقت کي چٽو ظاهر ڪيو آهي ته هي مسئلو صرف طلب ۽ رسد جو نه، پر منظم ناانصافيءَ، ادارتي غفلت ۽ مالي مفادن جي سازش جو نتيجو آهي.
ڪنهن به سماج ۾ مهانگائي صرف اقتصادي انگن اکرن جو معاملو نه هوندي آهي، بلڪه اها انساني عظمتن تي حملو ٿيندي آهي. جڏهن غريب جي گھر مان ماني، کنڊ، ٻار لاءِ مٺو ڪيڪ يا بزرگ لاءِ چانهه غائب ٿئي، تڏهن اها ڪنهن ڪارخاني جي پيداوار ۾ گهٽتائي نه، پر حڪومتي نظام جي ناڪامي هوندي آهي.شوگر ملز ايسوسيئيشن جي اڳوڻي چيئرمين سڪندر خان جو اهو چوڻ ته شعبي کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ سان ئي ڪارٽيل سازي ۽ ذخيرو اندوزيءَ کي روڪي سگهجي ٿو، هڪ اڻ سڌو اعتراف آهي ته موجوده نظام ۾ شفافيت جو فقدان آهي. هو چوندو آهي ته جيڪڏهن گهريلو صارفين لاءِ سيلز ٽيڪس ختم ڪيو وڃي ته به حڪومت جي آمدنيءَ تي ڪو وڏو اثر نه پوندو، ڇو ته وڏو حصو ته انڊسٽريل استعمال ۾ وڃي ٿو. پر حڪومت اڃا تائين اهڙي ڪنهن قدمن کان پاسو ڪندي اچي رهي آهي، جيئن ته مٺاڻ جي تلخيءَ کي جاري رکڻ سرڪاري پاليسي جو حصو بڻجي چڪو هجي.
ماضيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته کنڊ جو بحران ڪو نئون نه آهي. اڳ به اهڙا بحران هٿراڌو پيدا ڪيا ويا آهن، جن جي نتيجي ۾ حڪومتون مجبور ٿي کنڊ درآمد ڪئي آهي. گذريل دورن ۾ سبسڊي جي نالي تي اربين رپيا مخصوص ماڻهن جي کيسن ۾ هليا ويا، موجوده حڪومتي قدم، جيڪو ظاهري طور تي "بهتر حڪمت عملي” طور پيش ڪيو پيو وڃي، حقيقت ۾ ساڳئي پراڻي سرڪل جو نئون چڪر آهي، جتي پاليسي ٺهڻ کان اڳ ئي منافع خور پنهنجا ريٽ طئي ڪري ويهندا آهن. کنڊ جي اگهن جي واڌ صرف اقتصادي مسئلو نه، پر سماجي ڏڦيڙ ۽ ناانصافيءَ جو اشارو آهي. سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان خودڪشين، بدامنيءَ، ۽ ڏوهن جي واڌ جا انگ ٻڌائن ٿا ته مهانگائيءَ جي باهه ماڻهن جي زندگين کي ساڙي رهي آهي. جڏهن هڪ پورهيت پنهنجي ٻارن لاءِ کنڊ خريد نه ٿو ڪري سگهي، ته اها ناڪامي ڪنهن فرد جي نه، پر سڄي حڪومتي نظام جي آهي.
شوگر ملن جي ڪارٽيل جو سماجي اثر به انتهائي خطرناڪ آهي. اهي فقط منافعو نه ٿا وٺن، بلڪه پاليسين جي تعمير، ذخيري جي ڍنگ، ۽ بحران جي وقت ردعمل کي به ڪنٽرول ڪن ٿا. چوڌري ذڪا اشرف جو اهو بيان ته ”هر ڀيري شوگر ملز وارا ئي خراب ڇو ٿين“ ان ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگهي ته شوگر ملز سياسي طور بااثر ڌريون آهن. ڇا حڪومت وٽ اهڙو ڪو نظام آهي، جيڪو ان احتساب کي يقيني بڻائي سگهي؟ يا هر ڀيري نئون قربانيءَ جو ٻڪرو ڳولهي عوام کي ڦهلايو ويندو؟ جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام جي خيرخواهيءَ جو ارادو رکي ٿي، ته ان کي نه رڳو هن بحران کي حل ڪرڻو پوندو، بلڪه اهڙو نظام به جوڙڻو پوندو، جيڪو مستقل بنيادن تي اهڙن بحرانن کي روڪڻ جي ضمانت ڏئي سگهي. اها ڳالهه واضح آهي ته فقط درآمد ڪرڻ، يا سبسڊي ڏيڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، پر اصل ضرورت ان شفافيت جي آهي، جيڪا عوام کي پنهنجي حقن بابت اعتماد ڏياري سگهي.
مهانگائي، جهڙي اداري سان هاڻ عوام جو رشتو صرف بازارن تائين محدود نه رهيو آهي، بلڪه اها سندن سوچن، خوابن، ۽ خواهشن جو محور بڻجي چڪي آهي. کنڊ جي اگهه ۾ واڌاري سان صرف چانهه مٺي نه رهي، پر ماڻهن جي زندگين مان اها سادي خوشي به نڪري وئي آهي، جيڪا ڪنهن پوڙهي ماءُ جي هٿان پچايل چانهه جي پيالي سان جڙيل هوندي هئي. ملڪ جي ڪنڊ پاليسيءَ کي جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام جي مفاد لاءِ سنجيدگيءَ سان ڏسڻ چاهي ٿي، ته ان لاءِ پهريون قدم اهو هجڻ کپي ته شوگر انڊسٽريءَ کي سياست کان ڌار ڪيو وڃي. پاليسين ۾ شفافيت، ريگيوليٽري ادارن جي آزادي ۽ بحرانن بابت اڳواٽ خبرداريءَ وارو نظام لاڳو ڪري، حڪومت ماڻهن کي ان باهه مان ڪڍي سگهي ٿي، جنهن ۾ اهي هر ڏينهن سڙي رهيا آهن.
هي ملڪ صرف اميرن لاءِ نه، پر انهن لکين پورهيتن لاءِ به آهي، جن جي پگھار سان کنڊ، چانهه ۽ ٻارن لاءِ مٺاڻ اچي ٿو. جيڪڏهن حڪومت انهن ماڻهن کي محفوظ نٿي ڪري سگهي، ته پوءِ ڪنهن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پاليسيون جوڙيون پيون وڃن؟ کنڊ جو بحران اسان جي حڪومتي، اقتصادي، ۽ سماجي نظام جي مڪمل بحران جو آئينو آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ صرف بيان نه، پر عمل ضروري آهي. نه ته سڀاڻي هي بحران ڪنهن ٻي عام شيءَ جي صورت ۾ وري سامهون ايندو، ۽ عوام وري ساڳئي تلخيءَ سان پنهنجي قسمت جي چانهه کي کنڊ کان سواءِ ڳڙڪائيندو رهندو.