ڪوٽڙي: نينگر ڪي بي فيڊر ۾ وهنجندي ٻڏي فوت

ڪوٽڙي (رپورٽ: نويد راجپوت) ڪوٽڙي لڳ ڪي بي فيڊر ۾ وهنجندي نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ ڌڻي بخش خاصخيلي جو رھواسي 10 ورهين جو نينگر حسنين خاصخيلي ڪراچي واھه ڪي بي فيڊر ۾ وھنجندي ٻڏي ويو.
نينگر جو مڙهه ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد واثن حوالي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.