ٻوڏ متاثر هارين لاءِ امدادي فنڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻوڏ متاثر علائقن جي ھارين لاءِ  ھڪ وڏي خوشخبري جو اعلان ڪندي چيو آھي ته سنڌ سرڪار 2022 جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ھارين کي امدادي فنڊز ۾ واڌ ڪئي آھي، ھن پيڪيج ۾ فصلن کي نقصان جو معاوضو، ٻج جي فراھمي، ۽ متاثر ٿيل زمينن جي بحالي جي لاءِ مالي مدد شامل آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ ڪابينا سکر ۽ حيدر آباد ۾ نوان صنعتي زون قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني آھي، جيڪي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت ٺاھيا ويندا، حيدرآباد ۾ 951 ايڪڙ ايراضي سنڌ اڪنامڪ زون مينيجمينٽ ڪمپني کي منتقل ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي لاءِ 10 ڏھائي 56 ارب رُپين جو بنا وياج جي قرض به منظور ڪيو آھي، جنھن تحت ڊملوٽي کان ڊي ايڇ اي تائين 36 ڪلوميٽر ڊگھي پائيپ لائن وڇائي ويندي، ھن منصوبي ذريعي پاڻي جي شديد بحران تي ضابطو آڻي سگھبو، ڇاڪاڻ ته ھن وقت ڊي ايڇ اي کي روزانو 15 اي جي ڊي پاڻي گھربل آھي، جڏھن ته رڳو 5 ايم جي ڊي پاڻي فراھم ٿي رھيو آھي، هن چيو ته  ھن وقت تائين 2 لک 37 ھزار کان وڌيڪ ھاري رجسٽرڊ ٿي چُڪا آھن، جڏھن ته 88 ھزار 871 درخواستن جي تصديق مڪمل ٿي چُڪي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.