ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)پاڪستان جي تاريخ ۾ 18هين گريڊ جي آفيسر اشتهار لڳائي زمينن تي قبضن جي الزام هيٺ آيل شخص کان معافي وٺي ڇڏي، ڪراچي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ، فياض عالم سولنگي پاران تازو اخبارن ۾ ڇپرايل عوامي معافي نامو، سوشل ميڊيا تي سخت بحث جو سبب بڻيل آهي، جنهن ۾ هن علي حسن بروهي عرف مير علي حسن زهري کان پنهنجي اڳوڻن بيانن تي معافي ورتي آهي،هن معافي نامي ۾ سولنگي تسليم ڪيو آهي ته سندس اهي الزام، جن ۾ هن علي حسن زهري کي قبضا گير ۽ زمينن تي قبضو ڪندڙ قرار ڏنو هو، اهي اينٽي ڪرپشن جي جاچ ۾ ڪنهن به سرڪاري فورم تي ثابت نه ٿي سگهيا، ۽ هن اعتراف ڪيو ته نوڪري جي آخري ڏينهن ۾ هن علي حسن زهري کان "هٿ ٻڌي” معافي ورتي هئي، هي اعترافي معافي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيو، جنهن سان ان جي سنجيدگي ۽ حساسيت وڌيڪ واضح ٿي وئي، هن سڄي پس منظر ۾ سولنگي جي معافي هڪ علامت بڻجي وئي، پر ان سان گڏوگڏ هي پيغام به مليو ته پاڪستان ۾ اقتدار جي اچ وڃ سان الزام ۽ سچائي جي نوعيت به تبديل ٿي ويندي آهي۔هي واقعو انهيءَ خطرناڪ رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو پاڪستان جي بيوروڪريسي کي مفادن جي قربان گاهه تي چڙهائي رهيو آهي،ساڃاهه وندن موجب سنڌ ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان سرڪاري آفيسرن کي يا ته سياسي دٻاءُ هيٺ يا ٻيهر ملازمت جي اميد ۾ اهڙا قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جنهن سان سرڪاري ادارن جي ساک مجروح ٿي رهي آهي ۽ آفيسرن جو ڪردار صاف سٿرو ۽ مثالي نه رهيو آهي، هي هڪ خطرناڪ مثال بڻجي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي فياض عالم سولنگي خلاف هڪ نئين بحث جي شروعات ٿي وئي آهي، جتي عوام مطالبو ڪري رهيا آهن ته اهڙن آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،هي صورتحال سنڌ ۾ وڌندڙ بي امني جي ماحول کان الڳ ناهي۔ ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ خيرپور جا ضلع هن وقت ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن۔ اغوا براءِ تاوان، پوليس تي حملا ۽ بي وسي جي انتها، عام عوام کي سخت خوف جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي۔ ان جي باوجود، حڪومت دعويٰ آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ ڪنهن وڏي آپريشن جي ضرورت ناهي۔ جڏهن هڪ اڳوڻو آفيسر سرعام معافي وٺي، ۽ ڌاڙيل قانون کان آزاد ٿي ظلم ڪندا رهن جڏهن عوام تي ظلم خلاف ڪو به رعمل نه هجي،ته اهو واضع ٿي وڃي ٿو ته رياستي رٽ رڳو هڪ خواب بڻجي وئي آهي۔هي واقعو نه رڳو بيوروڪريسي جي اخلاقي بنيادن تي سوال اٿاري ٿو، پر ان سان گڏ اهو به ظاهر ڪري ٿو ته سياسي اثر رسوخ ۽ مالي ڪرپشن ڪيئن قانون، احتساب ۽ انصاف کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.