ڪراچي(رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ورڪرز ترسيلات بابت تفصيلون جاري ڪري ڇڏيون،مرڪزي بئنڪ موجب مالي سال 25-2024 دوران ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترسيلات زر وصول ٿيون،اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو ته جون 2025 ۾ ورڪرز ترسيلات 3.4 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيون ويون، جيڪي جون 2024 جي مقابلي ۾ 7.9 سيڪڙو وڌيڪ آهن، مالياتي سال 2025 جي مجموعي ترسيلات زر 38.3 ارب ڊالر رهيون، جڏهن ته مالياتي سال 2024 دوران اهي 30.3 ارب ڊالر هيون ، يعني گذريل سال جي مقابلي ۾ 26.6 سيڪڙو واڌ آئي آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق، جون 2025 ۾ سڀ کان وڌيڪ ترسيلات زر سعودي عرب مان مليون، جن جي رقم 823.2 ملين ڊالر رهي، ان کان علاوه متحده عرب امارات مان 717.2 ملين ڊالر، برطانيا مان 537.6 ملين ڊالر ۽ آمريڪا مان 281.2 ملين ڊالر جون 2025 ۾ ترسيلات زر طور موصول ٿيون،هي انگ اکر ڏيکاري رهيا آهن ته ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني، ملڪ جي معيشت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف مالي سال 2025 دوران ملڪ ۾ تاريخ جي بلند ترين ترسيلات زر رڪارڊ ٿيڻ تي شڪريو ادا ڪيو آهي.
-
ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري، بجلي 4 رپيا 3 پيسا سستي
اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سڄي ملڪ ۾ ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي سستي ڪئي وئي آهي، جنهن تحت ڪراچيلاءِ في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 3 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي،جڏهن ته ملڪ جي باقي حصن لاءِ في يونٽ 50 پيسا گهٽايا ويا آهن، نيپرا پاران قيمتن ۾ واڌ گھٽتائي بابت الڳ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن،نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صارفين کي هي رليف جولاءِ 2025 جي بلن ۾ ڏنو ويندو،ڪي اليڪٽرڪ وارن لاءِ اپريل 2025 جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي سستي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ جي باقي حصن لاءِ مئي 2025 جي ايڊجسٽمينٽ تحت قيمت گهٽائي وئي آهي، ياد رهي ته ڪي اليڪٽرڪ اپريل لاءِ 4 رپيا 69 پيسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڏني هئي، جڏهن ته سي پي پي اي مئي جي ايڊجسٽمينٽ ۾ 10 پيسا في يونٽ واڌ جي سفارش ڪئي هئي.