کنڊ جي اگهن ۾ اضافو شگر مافيا سان ڳٺ جوڙ جو نتيجو آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سيعد شيخ چيو آهي ته موجوده جعلي حڪمران اتحاد جي دور ۾ ملڪ لاڳيتو بحرانن جي وَر چڙهندو پيو وڃي. ڪڏهن ڪيميائي ڀاڻ جو بحران، ڪڏهن ڪڻڪ جو بحران ته ڪڏهن وري کنڊ جو، هڪ بحران اڃا ختم ئي نٿو ٿئي ته اڳ ۾ ئي ٻيو بحران ڪَرکنيو بيٺو آهي. هڪ سال جي عرصي دوران 7 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ بعد هاڻ وري 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو فقط من پسند مافيا کي نوازڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي،امپورٽ ايڪسپورٽ جي راند ۾ قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان ۽ عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، ملڪ ۾ موجوده هائبرڊ نظام جي نتيجي ۾ صنعتڪارن،ڪرپٽ سياستدانن ۽ اسٽيبلشيمنٽ جي اتحاد عوام جي بهتري بدران ملڪ کي پٿر جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.شگر ملون به انهن ئي سياسي گهراڻن جون آهن جيڪي هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن پارٽي ذريعي اقتدار ۾ شامل رهيا آهن. سنڌ ۾ اومني گروپ، پنجاب ۾شريف خاندان، گجرات جا چوڌري، جهانگير ترين، ذڪا اشرف، سينيٽر هارون اختر،همايون اختر، سردار نصرالله دريشڪ،مخدوم احمد محمود سميت ٻيا  بااثر سياسي خاندان ملوث آهن. تازو کنڊ جي قيمت 200سئو رپيا في ڪلو موجوده حڪومت پاران آڪٽوبر کان جنوري تائين کنڊ ٻاهر موڪلڻ جو نتيجو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.