اي اين پي کي سياسي ڌڪ، ثمر بلور ن ليگ ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)مسلم ليگ (ن) پشاور مان پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ثمر بلور کي قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، هن چيو ته هڪ سيٽ ثمر بلور کي ۽ ٻي سيٽ ايم پي اي جمشيد مهمند جي زال کي ڏني ويندي، ياد رهي ته پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي سڃاڻپ رکندڙ ۽ بلور خاندان سان تعلق رکندڙ ثمر بلور مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي آهي، هن وزيراعظمشهباز شريف سان ملاقات دوران پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، هوڏانهن اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور  ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ثمر بلور جي پنهنجي مرضي آهي، مان اي اين پي سان گڏ آهيان .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.