حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ 15جولاءِ کان 20 جولاءِ تائين گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ اڄ به ڪٿي ڪٿي برسات وارا ڪڪر وسڪارا ڪندا. موسم بابت ڄاڻ ڏيندڙ ماڊلز ۽ موسميات کاتي جي ماھرن ھوائن جي رخن کي ڏسندي اھا ڄاڻ ڏني ھئي ته سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي برسات وسندي ته 4 جولاء کان اڄ تائين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي ھلڪي ته بوندا باندي جي صورت ۾ ڪڪرن جو سفر جاري آھي. سنڌ ۾ 15 جولاءِ کان چوماسي برسات جو سسٽم داخل ٿيندو. جيڪو 20 جولاءِ تائين سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ گجگوڙ کنوڻ سان برسات جا وسڪارا ڪندو. گونگو مينھن ان برسات واري سسٽم وسيلي ڪافي علائقن ۾ ڪارونڀار ڪيل ڪڪر زوردار وسڪارا ڪري سگھن ٿا.