ميرپورخاص (بيورورپورٽ) 03 ڏينهن اڳ ميرپورخاص جي علائقي ڀانسنگھ آباد جي رهواسڻ طلاقيل ٽن ٻارن جي امڙ ماهم عرف مريم يوسف زئي سان بااثرن پاران نوڪري ڏيارڻ جي بهاني گھرائي اجتماعي ڏاڍائي واري ڪيس ۾ نامزد ڪيل مُک جوابدار مڪيش کي ميرپورخاص پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي جڏهن ته پوليس پاران عورت جي ڪرايل طبي چڪاس بعد عورت جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پڻ جاري نه ٿي سگھيو آهي جڏهن ته پوليس ذريعن موجب ٻئي جوابدار جي گرفتاري نه ٿيڻ سبب جوابدارن ۽ عورت جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ جزا ليبارٽري موڪلجي نه سگھيا آهن، ٻي طرف متاثر عورت پاران کيس ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر عورت ماهم عرف مريم يوسف زئي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مڪيش ۽ سندس دوست عبدالحڪيم آريسر مون کي اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ان دوران منهنجي ڀيڻ جو فون آيو ته مون جلدي سان فون آن ڪري ڇڏيو فون تي منهنجي رڙين ۽ مزاحمت ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌيون هن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ هڪ جوابدار جي گرفتار ٿيڻ بعد مون کي مُڪيش سان لاڳاپيل بااثرن جا معاملو لئه مٽي ڪرڻ ۽ ڪيس تان هٿ ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي انڪار ڪرڻ تي بااثر مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن