ڪورنگي ۾ ٽن نوجوانن کي جعلي مقابلي مارڻ تي پوليس کي نوٽيس

ملير (ڊ ر) ڪورنگي پوليس جي مبينا جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل گبول برادريءَ جي ٽن نوجوانن جي قتل واري الزام هيٺ پوليس اهلڪارن خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪراچي ايسٽ جي عدالت ۾ ٻه ڌار ڌار پٽيشنون داخل ڪيون ويون، عدالت درخواستن کي ايڊيشنل سيشن جج ڪورٽ نمبر 13 ڪراچي ايسٽ ڏانهن منتقل ڪندي ٻڌڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، فريادي عبدالحميد ۽ محمود الزمان پاران داخل پٽيشن ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي ڪورنگي، ايس پي ٽريفڪ، ايس ايس پي ڪمپلين سيل ۽ ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا کي ڌر بڻايو ويو آهي، ايڊووڪيٽ لياقت علي گبول موجب، 21 جون 2025 جي رات اڪرم، رحيم بخش ۽ جميل نالي ٽي نوجوان لانڍي مان بلال ڪالوني ۾ پنهنجي مٽن مائٽن سان ملڻ لاءِ نڪتا هئا جن کي سب انسپيڪٽر محمد خان، پوليس ڪانسٽيبل عادل ۽ نصير جعلي پوليس مقابلي ۾ بيگناهه قتل ڪيو، سندن پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو ويو، جيڪو قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي حڪم تي انڪوائري لاءِ ايس پي ٽريفڪ سيد اسد علي رضا کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو هو، جنهن کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻي هئي پر باوجود بار بار رابطا ڪرڻ جي، مقتولن جي وارثن جا بيان به قلمبند نه ڪيا ويا، ايڊيشنل سيشن ڪورٽ 12 جولاءِ تائين جاچ رپورٽ طلب ڪندي پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.