عمران خان جا پٽ پاڪستان اچي احتجاج جو حصو بڻجندا: عليما خان

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته 10 محرم الحرام گذري چڪو آهي، هاڻ احتجاج بابت عمران خان حڪمتِ عملي ڏئي چڪو آهي، پارٽي لائحه عمل جو اعلان ڪندي، عمران خان جا پٽ به پاڪستان اچي تحريڪ جو حصو ٿيندا، قاسم ۽ سليمان پهرين آمريڪا ويندا، جتي پيءُ سان ٿيندڙ ظلم جي باري ۾ آگاهه ڪندا، ان کانپوءِ پاڪستان اچي تحريڪ ۾ شامل ٿيندا، اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ عمران خان سان سندس ڀينرن ملاقات ڪئي، جنهن کان پوءِ عليمه خان، نورين خان ۽ عظميٰ خان گڏجي گورکپور ناڪي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، عليما چيو ته اسان جي فيملي کي احتجاج جو پلان معلوم آهي، ميڊيا کي ان وقت ٻڌائينداسين جڏهن وقت ايندو، ڀروسو رکو، حالتون بهتر ٿينديون، اسان کي قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت لاءِ نڪرڻو آهي ۽ 26هين ترميم خلاف احتجاج ڪرڻو آهي، جڏهن ته عمران خان جيل مان ئي احتجاج جي قيادت ڪندو، نواز شريف کي ته سندس گهر وارا به نٿا پڇن ته پوءِ عمران خان سان ملي ڇا ڪندو؟ نورين خان چيو ته پي ٽي آءِ باني خيريت سان آهي، ساڻس اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به قيدي سان نه ٿو ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.