ڪچلاڪ ۾ شاگرد کي چماٽ هڻڻ تي پرنسپال قتل، ڪيس داخل

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪچلاڪ ۾ شاگرد کي چماٽ هڻڻ تي پرنسپال کي قتل ڪيو ويو، پهرين ڪلاس جي شاگرد پاران گوڙ ڪرڻ تي پرنسپال چماٽ هنئي ۽ شاگرد کي تشدد جو نشانو بڻايو،شاگرد جي وارثن واقعي جي ٽن ڏينهن بعد پرنسپال کي قتل ڪيو ، سندس ڀاڻجي محمد تنوير ٻڌايو ته سڪندر خان گذريل 20 سالن کان بلوچستان جي موسي خيل، هرنائي ۽ ٻين علائقن ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، پوليس مطابق، ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪول ۾ هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، جنهن بعد قتل جو سانحو پيش آيو،ڪچلاڪ ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد اجمل موجب پهرين ڪلاس جي شاگرد محمد کي مبينا طور ڪلاس ۾ گوڙڪرڻ تي سڪندر خان چماٽ هڻڻ سميت سخت مارڪٽ ڪئي، جنهن جي ٽن ڏينهن بعد کيس قتل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته پرنسپل جي قتل جي الزام هيٺ شاگرد جي مامو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪيس جي سنگيني کي ڏسندي ان کي "سيئريئس ڪرائمز انويسٽيگيشن وِنگ حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.