ڪراچي/لاڙڪاڻو (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سيعد شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ قيمتي زمينون سگهارين قوتن کي ڏيڻ وارو فيصلو نسورو ظلم آهي، پ پ پنهنجي 17 ساله دور حڪمراني ۾ سنڌ جي عوام کي درياءَ تي ڌاڙو، ڌاڙيل ڪلچر، ڪارپوريٽ فارمنگ، بدترين ڪرپشن جهڙيون سوکڙيون ڏنيون آهن. مُئل يزيد کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارا وقت جي يزيدن جا جوتا پالش ڪرڻ ۾ مصروف آهن. امام عالي مقام پنهنجي اهل اولاد سميت عظيم قرباني آمريت، ظلم، سفاڪيت ۽ ملوڪيت خلاف ڏئي قيامت تائين پنهنجي ناني جي دين کي زنده ۽ باطل پرستن تي لعنت مڙهي ڇڏي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان امام حسين رضه جي ڏسيل واٽ تي هلي موجوده يزيدي ٽولي کي شڪست ڏئي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي پاران رٿيل هڪ ڏينهن واري تربيتي نشست کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو، صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو ۽ مقامي امير رميز راجا شيخ پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته پريا ڪماري جي اغوا کي چار سال مڪمل ٿي چڪا آهن، پر سنڌ حڪومت معصوم نياڻي کي اڄ تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهي. فيلڊ مارشل عاصم منير تاحيات بادشاه بڻجڻ لاءِ 27هين ترميم ۽ آصف علي زرداري کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واريون افواهون حقيقت بڻجي سگهن ٿيون. عوام جي ڀلائي ۽ رليف ڏيڻ بدران اسٽيبلشمينٽ ۽ فارم47 جي جعلي حڪومت مخالف ڌُر کي چيڀاٽڻ ۽ مهانگائي جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي،