رائونتي (رپورٽ: برڪت علي گھنڃو) رائونتي ويجھو کوسا پل ڀرسان ذوالفقار کوسو جي گهر مٿان گذريل رات ھٿيار بندن حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم گل زمان پٽ ذوالفقار کوسو موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد رائونتي پوليس ايس ايڇ او صفي الله انصاري جي اڳواڻي ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ ۽ خوف وارو ماحول ڇانيل ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگهيو، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آھيون، ٻي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڪجھه سال پھريان ڏوھن جي دنيا کي الوداع ڪندڙ ڌاڙيل سلطان عرف سلطو ۽ سندس ساٿي محمد عيسا شر کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو ھو، جنھن بعد سلطو شر جي وارثن پاران ذوالفقار کوسي تي مخبري ڪرڻ جو الزام لڳائي ذوالفقار کوسو جي گھر مٿان شر برادري طرفان حملو ڪيو ويو آھي،