دوڙ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ بروهي) دوڙ شھر جي مال پڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان غلام محمد بروهي ولد ڌڻي بخش بروهي موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا پيرسن واپاري گهنور لاشاري ۽ ماجد ڏاهري گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مارجي ويل نوجوان جو واسطو ڀريا روڊ جي علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي دوڙ اسپتال پھچايو، جتان لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جوچوڻ آھي ته واقعي جو ڪيس مقتول جي وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو.