رياست مخالف مواد جو الزام، اسلام آباد جي عدالت جو 27 يوٽيوب چينل بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي مقامي عدالت ايف آءِ اي جي درخواست تي صحافين، تجزئي نگارن، سوشل ميڊيا ڪارڪنن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چينل سميت 27 مقبول يوٽيوب چينلن کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه يوٽيوب چينل بلاڪ ڪرڻ بابت ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي قرار ڏنو ته رياست مخالف مواد جي حوالي سان ايف آءِ اي 2 جون تي انڪوائري شروع ڪئي، ايف آءِ اي طرفان پيش ڪيل ثبوتن مان عدالت مطمئن آهي، قانون موجب ڪارروائي ڪري سگهون ٿا. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته عدالت انڪوائري آفيسر کي ٻڌو ۽ دستياب رڪارڊ جو جائزو ورتو ۽ ثبوتن جي بنياد تي عدالت سمجهي ٿي ته معاملو پيڪا ايڪٽ ۽ تعزيرات پاڪستان تحت سزا جوڳو ڏوهه آهي. عدالت حڪم نامي ۾ چيو ته يوٽيوب چينل جي انچارج آفيسر کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته 27 يوٽيوب چينل بلاڪ ڪيا وڃن. يوٽيوب جي ڪمپني، گوگل جي انچارج آفيسر کي هدايت ڪئي وئي ته هو انهن چينلن تائين رسائي کي فوري طور تي بلاڪ ڪري. صحافي عبدالوحيد مراد موجب، عدالت سڀني چينلن کي نوٽيس موڪلي ڇڏيا آهن. پاڪستان نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽي گيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي درخواست تي اسلام آباد جي عدالت چينلن کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اين سي سي آءِ موجب، اهي يوٽيوب چينل رياستي ادارن خلاف ڪوڙيون ۽ گمراهه ڪندڙ خبرون نشر ڪن ٿا، اهڙين خبرن سان معاشري ۽ عوام ۾ ڊپ، امن کي نقصان يا بدامني جو امڪان وڌي وڃي ٿو. جعلي رمارڪس ۽ اطلاعن ذريعي رياستي ادارن جي عملدارن جي رازداري جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي. اهي چينل رياستي ادارن ۽ عملدارن خلاف ڌمڪي جوڳو ۽ چڙ ڏياريندڙ ۽ نفرت ڏياريندڙ مواد پکيڙين ٿا. اهي عام عوام ۽ هٿياربند فوج جي اهلڪارن کي رياستي ٿنڀن خلاف مڇرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. عدالت جن چينلن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو انهن ۾ صحافي مطيع الله جان، اسد طور، صديق جان، حبيب اڪرم، ساجد گوندل، رانا عزير، صبحي ڪاظمي، اوريا مقبول جان، آرزو ڪاظمي، عمران رياض خان، صابر شاڪر، آفتاب اقبال، عبدالقادر، وجاهت سعيد خان، احمد نوراني، معيد پيرزادا، مخدوم شهاب الدين، نذر چوهاڻ ۽ شايان علي جا يوٽيوب چينل شامل آهن. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو يوٽيوب چينل به بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. نيا پاڪستان، ريئل انٽرٽينمينٽ ٽي وي، ڊيلي قدرت، چارسدا جرنلسٽ ۽ نائلا پاڪستاني ري ايڪشن، حيدر مهدي به انهن چينلن جي لسٽ ۾ آهن جن کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ايم جي ٽي وي يوٽيوب چينل جي مطيع الله جان چيو ته اسان جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ اسان کي سزا ٻڌائي وئي، انڪوائري دوران کين ڪو نوٽيس نه آيو پر چينل بند ڪرڻ جو حڪم اچي ويو. هاڻي ڇا چينل بند ڪري ماڻهن کي بکيو ماريندا؟ يوٽيوب کي عارضي حڪمن تي چينل بند نه ڪرڻ گهرجي. صحافي حبيب اڪرم چيو ته سندس چينل کي بند ڪرڻ کان نه ڪو نوٽيس ڏنو ويو نه ئي ڪجهه ٻيو ٻڌايو ويو. صحافي صديق جان موجب، مون کي يوٽيوب جي جيڪا اي ميل آءِ، ان سان گڏ اهو حڪم نامو هو، اسان هاڻي عدالت سان رابطو ڪنداسين، ان ڳالهه مان خوش آهيون ته غلط ئي سهي پر عدالت ذريعي اهو فيصلو آيو، گهٽ ۾ گهٽ جبري گمشدگي ته ناهي ٿي. صحافي ۽ تجزئي نگار عارفا نور سوشل ميڊيا ايڪس تي راءِ ڏيندي هن چيو ته جيئن ته رياست اظهار جي آزادي جي پرواهه نٿي ڪري ته هاڻي اهو ياد ڏياريو ويو آهي ته ڪهڙا چينل سڌي رستي تي آهن. ڊجيٽل حقن تي ڪم ڪندڙ تنظيم بولو ڀي جي فريحه عزيز عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪئي. هن لکيو ته ڀارت ۾ اهڙي سوشل ميڊيا ڪمپنين طرفان عمل ڪيو ويو ۽ ان سان ٻين تي به اثر پيو. پوڊ ڪاسٽر شهزاد غياث شيخ چيو ته يوٽيوب چينلن تي مڪمل پابندي اظهار جي آزادي جي بنيادي اصولن خلاف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.