اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته موجوده وفاقي بجيٽ ۾ ماحولياتي ايمرجنسي، موسمياتي بحران، ۽ پاڻي جي تحفظ کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي، جيڪو ملڪ لاءِ خطري جي گھنٽي آهي،اسلام آباد ۾ ’پاڪستان ۾ موسمياتي چئلينجن‘ بابت هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزارت ماحولياتيتبديليءَ جو بجيٽ 3.5 ارب رپين کان گهٽائي 2.7 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ماحولياتي تحفظ لاءِ فنڊنگ 7.2 ارب مان گهٽائي صرف 3.1 ارب رپيا رهجي وئي آهي،شيري رحمان خبردار ڪيو ته برساتي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ ڪوبه خاص بندوبست ناهي ڪيو ويو، جيڪو خاص ڪري شهري علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻوڏن جي خطري کي وڌائيندو،پاڪستان جي زراعت کي پاڻي جي بندش سان تباهي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو،هن چيو ته ملڪ ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي،ڳڙو پوڻ ۽ اوچتيون ٻوڏون معمول بڻجي چڪيون آهن،هن چيو ته 45 سيڪڙو پاڪستاني غربت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ 21 سيڪڙو غذائي کوٽ جو شڪار آهن،ماحولياتي تباهه ڪاريون ٻهراڙي کان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ وڌائي رهيون آهن،هن چيو ته دريائن ۾ غيرقانوني مائننگ،ٻيلن جي واڍي ۽ تعميرات ماحولياتي ڇڪتاڻ کي وڌائي ڇڏيو آهي،زرعي شعبو ۽ خوراڪ جي سلامتي هاڻي هر ملڪ لاءِ سڀ کان اهم مسئلو بڻجي چڪي آهي،