اسلام آباد/ ڪراچي/ لاهور /پشاور (م ڊ) ملڪ ۾ کنڊ جو بحران وڌي ويو ۽ اگهه ڪنٽرول مان نڪري ويا آهن، جنهنڪري وفاقي ڪابينا 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان خوراڪ تحفظ واري وزارت موجب کنڊ جي قيمتن ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ هي قدم کنيو ويو آهي، کنڊ جي درآمد جو طريقو ماضي کان مختلف ۽ بهتر حڪمت عملي جي نمائندگي ڪري ٿو، ماضي ۾ اڪثر کنڊ جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري، سبسڊي تي ڀاڙيو ويندو هو، کنڊ جي درآمد سرڪاري شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ان لاءِ سڀ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ فوري طور تي ان تي عملدرآمد شروع ڪيو پيو وڃي، وزارت خوراڪ تحفظ موجب کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو اُن وقت ڪيو ويو هو، جڏهن ملڪ ۾ کنڊ وافري مقدار ۾ موجود هئي، هاڻي کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ ان جي درآمد ڪئي پئي وڃي، ياد رهي ته گذريل سال شوگر ڊيلرز حڪومت کي يقين ڏياريو هو ته کنڊ جون قيمتون مستحڪم رهنديون ۽ ايندڙ سال کنڊ درآمد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ايندي، حڪومت سان ڪيل شوگر ڊيلرز جا سمورا واعدا اڌورا رهجي ويا، مارڪيٽ ۾ کنڊ گهٽجڻ جون خبرون پکڙجڻ لڳيون ته کنڊ مهانگي ٿي وئي، حڪومت کي قيمت مستحڪم رکڻ جي نالي تي کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو، ڊسمبر 2024 ۾ جيڪا کنڊ جو ايڪس مل ريٽ 125 کان 130 رپيا في ڪلو هو، اڄ اها ساڳي کنڊ ريٽيل مارڪيٽ ۾ 190 کان 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، لاهور ۾ کنڊ 6 رپيا ۽ ڪوئٽا ۾ 5 رپيا في ڪلو مهانگي ٿيڻ بعد 190 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ کنڊ جو ريٽ 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي، ڪراچي ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 179 رپيا في ڪلو آهي ۽ عاشوري کان پوءِ هول سيل ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 3 رپيا وڌي آهي، ڪراچي ۾ هول سيل ۾ کنڊ جو اگهه 15 مئي کان هيل تائين 13 رپيا في ڪلو وڌي چڪو آهي ۽ پرچون بازار ۾ کنڊ 190 رپين کان 200 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ 15 مئي تي پرچون سطح تي کنڊ 170 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي هئي ۽ هاڻي پرچون ۾ کنڊ جو اگهه 20 کان 30 رپيا في ڪلو تائين وڌي چڪو آهي، کنڊ جي بحران بابت ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ شوگر ملز هڪ ڪارٽيل وانگر ڪم ڪن ٿيون، جڏهن ته ماهرن جو خيال آهي ته اهو تاثر ان ڪري قائم ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ شوگر ملز جو وڏو انگ سياسي شخصيتن جي ملڪيت آهي، ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته شوگر ملز مالڪن جو حڪومتي پاليسين تي اثر آهي، شگر ملون هڪ قسم جو ڪارٽيل آهي ۽ انهن جي ايسوسيئيشن به تمام گهڻي طاقتور آهي، هن شعبي ۾ حڪومتي مداخلت تمام گهڻي آهي، ان ڪري روزانو کنڊ جا اسڪينڊل ٿين ٿا، جيستائين حڪومتي مداخلت ختم نه ٿيندي، اهي اسڪينڊل ايندا رهندا، پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن جي اڳوڻي چيئرمين سڪندر خان کنڊ جي شعبي کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جي حمايت ڪئي ته جيئن ذخيرو اندوزي، ڪارٽيل سازي ۽ قيمتن تي ناجائز منافعي خوري کي روڪي سگهجي، جيڪڏهن گهريلو صارفين لاءِ کنڊ تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو وڃي ته حڪومت جي آمدني تي ڪو خاص اثر نه پوندو، ڇاڪاڻته وڏي مقدار ۾ کنڊ انڊسٽري ۾ استعمال ٿيندي آهي، پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چوڌري ذڪا اشرف چيو ته: اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته کنڊ جي مسئلي تي صرف شوگر ملز وارا ئي خراب ماڻهو آهن، جڏهن ڪجهه صحيح هلي رهيو هجي ته حڪومت چوندي آهي ته اها ان جي پاليسي آهي ۽ جڏهن ڪجهه غلط ٿي پوي ته ڪنهن نه ڪنهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻو پوندو آهي، صنعت و پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر خان چيو ته شوگر انڊسٽري جي ماڻهن جو پاليسي ٺاهڻ ۾ ڪو به ڪردار ناهي، هن وقت صورتحال اها آهي ته پنجاهه سيڪڙو شوگر ملون ڏيوالي جو شڪار ٿي چڪيون آهن، کنڊ جي شعبي کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ کانپوءِ به حڪومت کي پنج لک ٽن تائين بفر اسٽاڪ رکڻ گهرجي ته جيئن کنڊ جي قيمتن کي مستحڪم رکجي سگهي،