آءِ ايم ايف جي شرط پوري،سرڪاري آفيسرن جا هاڻ اثاثا ظاهر ڪيا ويندا

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وفاقي حڪومت انٽرنيشنل  مانيٽري فنڊ جي اهم شرط تي عمل ڪندي گريڊ 17 ۽ ان کان مٿاهين سرڪاري آفيسرن جا اثاثا عوام آڏو آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، صدر مملڪت جي منظوري کانپوءِ "سول سرونٽس ترميمي ايڪٽ 2025” جو گزٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب، سڀئي وفاقي سرڪاري آفيسر پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا ملڪ اندر ۽ ٻاهران موجود اثاثا ڊجيٽل طريقي سان فائل ڪندا، اهي تفصيل فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي ذريعي عوام جي رسائي لاءِ دستياب هونديون ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، ترميمي ايڪٽ تحت سول سرونٽس ايڪٽ 1973 ۾ نئون سيڪشن 15-A شامل ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق هر آفيسر کي هر سال پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي مالي حيثيت، ملڪيت ۽ ٻين اثاثن جون تفصيلون جمع ڪرائڻيون پونديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.