علي پور جو اهو هولناڪ واقعو، سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويو، جتي هڪ پيءُ پنهنجي ئي معصوم ٻچڙن ۽ زال کي ڪهاڙيءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، رڳو هڪ انسان جو ذهني توازن وڃائڻ ناهي، بلڪه هيءَ واقعو هڪ سڙي ويل سماجي قبرستان ۾ قبر جو انڌيرو لڳندو آهي، جتي هر ڏينهن غربت ۾، بک، بدحالي، بيوس ۽ مايوس ساٿين کي موت جي ڪناري تي ڌڪي ٿو ڇڏي. هي الميو رڳو هڪ گهر جو ڪرب ناهي، پر اها سڄي قوم جي تذليل آهي، جيڪا حڪمرانن جي بيحسيءَ، سياستدانن جي بيڌياني، ۽ بي حس رياست جي مجرماڻي خاموشيءَ جو نتيجو آهي. جڏهن بک ڪهاڙي بڻجي وڃي…
اهو پيءُ، جنهن جي هنج ۾ ٻار سک سان ننڊ سمهڻ گهرجن ها، اڄ ان جي هٿن ۾ ڪهاڙو آهي، جنهن سان هو پنهنجي ئي معصوم خوابن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو ڇڏي. ڇا واقعي هو قاتل هو؟ يا وقت، حالتن، ۽ بي رحم نظام جو شڪار هو؟
جڏهن ماءُ جي هنج ۾ 6 مهينن جو ٻار به محفوظ نه رهي، جڏهن هڪ پيءُ نيري آسمان هيٺ رڳو ان ڪري قاتل بڻجي وڃي ٿو۔ جو سندس گهر ۾ اٽو، دوا، پاڻي ۽ بجلي ناهي ۽ معصوم ٻار بک وگهي تڙپندا ، رڙيون ڪندي ماريا وڃن ته پوءِ قاتل فرد نه پر رياست هوندي آهي. علي پور جو اهو غريب ماڻهو قاتل نه هو، بلڪه هو اها خاموش فرياد هو، جيڪو سالن کان بند ڪنن تائين پهچي نه سگهيو، هو اهو سوال هو، جيڪو ايونن جي ميزن تي رکي، فائيلن جي ڍير هيٺ دٻجي ويو.
ملڪ جي سياست هڪ خوني آلودگي جو سرڪس بنجي چڪي آهي. اسان جا سياستدان اڄ به هڪٻئي تي الزام لڳائي رهيا آهن، ڪنهن کي اقتدار جو حوس !! ڪنهن کي رڳو ڌرڻو هڻڻ جو شوق، هي مفادن جي جنگ آهي وڙهي پئي وڃي ۽ قوم جو وجود ظلم جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندي ٿي وڃي. ۽ نه احساس رهيو آهي نه ئي وري ڪنهن کي عوام جي تڪليفن جي ڪابه پرواهه آهي. ملڪ جي معيشت وڃي بيهڪ تي پهتي آهي، پنهنجي هن خوشحال وطن کي هٿ وٺي بيحال ڪري قرضن ۽ مرضن جي زنجيرن ۾ جڪڙي بيوس بڻائي ڇڏيو آهي، اسان جي ملڪ جا سياستدان تقريرو ڪندي ڪوڙيون ۽ منگهڙت داوائون ڪنڌي ٻڌبا آهن ته ملڪ ترقي ڏانهن وڃي رهيو آهي جڏهن ته قوم اهڙين سنگين ۽ برين حالتن ، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب پنهنجا ٻچا هٿ سان ڪهڻ تي مجبور آهن۔ اهڙن واقعن جو زميدار ڪير ٿي سگهي ٿو. هر پاسي کان قوم ۾ مايوسي ڇايل آهي، تعليم صرف اميرن جي جُتي بڻجي وئي آهي، اسپتالن ۾ غريبن لاءِ دوا ناهي، ۽ بازارن ۾ مهانگائيءَ جو ڪات غريب جي ڪنڌ تي کتل آهي. روزگار؟ خواب ٿي ويو. صحت اميرن لاءِ مخصوص. تعليم رڳو اشتهاري نعرن تائين محدود. انصاف رڳو طاقتور لاءِ آهي. غريب لاءِ بچي ڇا ويو رڳو قبر، يا… پنهنجي پيارن لاءِ ڪفن. قوم جو جئيڻ اجايو ٿي ويو آهي.
ا اهو نوجوان گناهگار آهي، جيڪو ڊگريون کڻي در در ڀٽڪي ٿو؟نه! بلڪل ڀي نه؟ قاتل اهو نظام آهي، قاتل اها حڪومت آهي، قاتل اهي حڪمران آهن، جيڪي قوم جا خواب وڪڻي پنهنجا محل ٺاهي رهيا آهن، جنهن قوم جي زندگين کي بنهه سستو ۽ نيلام ڪري ڇڏيو آهي،جن جي ترجيح رڳو ڪرسي آهي، پاور آهي ! انسانيت هنن جي اندر مان موڪلائي وئي آهي .نتيجو ڇا رهجي ويو آهي؟ هڪ پيءُ پنهنجي ٻچڙن کي ڪهي ڇڏيو…!! افسوس هڪ ماءُ جي هنج خالي ٿي وئي… نه ماءُ رهي نه ئي وري ان جا ٻچا. هڪ گهر قبرستان بڻجي ويو…۽ اسان جا واڳڌڻي صرف لفظن ۾ مذمتي بيان سان گڏ افسوس ڪري مقتولن مٿان احسان ڪري ڇڏيو.
اهڙا واقعا اسان جي ملڪ ۾ تيزي سان وڌندا ٿا وڃن، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جا هزارين گهر خاموش آهه بڻجي چڪا آهن. پر افسوس اسان جا حڪمران اڃا به تقريرن ۾ خودپسنديءَ جا دهل وڄائي رهيا آهن ، ڄڻ ملڪ ۾ سڀ خير آهي. سڪون لڳو پيو آهي ۽ اسان ترقي جي رھ تي بيٺل آهيون۔ اهڙي ترقي کي قوم قبول ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهي۔ جيڪڏهن اڄ به رياست پنهنجو فرض ادا نه ڪيو،جيڪڏهن غريب کي انسان نه سمجهيو ويو،
جيڪڏهن مهانگائيءَ کي سنجيده نه ورتو ويو،ته پوءِ گلي گلي، گهر گهر ۾ علي پور جهڙا واقعا ٿيندا رهندا، هر گهر ڪربلا بڻجندو،۽ قاتل رڳو فرد نه، پر قوم ٿيندي.خدارا، ان کان اڳ جو هر گهر مان جنازا نڪرن،رياست ۽ سماج کي جاڳڻو پوندو. هي ڪربلا يزيد، شمر يا ابن زياد نه آندي، پر اهو مهانگائي، بيروزگاري، بک، ۽ انساني بيحسي جي هٿن تي لکيل هو.علي پور، مظفرگڙهه جي ڪنڊ ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾، هڪ پيء پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي زندگيءَ جون سڀ کان حسين تصويرون – زال ۽ ست معصوم ٻارڙا، ڪهاڙيءَ سان چيري ڇڏيا.
اهي ٻارڙا، جن جي عمر اڃا 6 مهينن کان 8 ورهين جي وچ ۾ هئي، جن جي اکين ۾ دنيا ڏسڻ جا خواب هئا، جن جي معصوم مرڪن ۾ جنت جي خوشبو هئي، رات جي اونداهيءَ ۾ ساهن جو سفر مڪمل ڪري ويا۔ قاتل ڪو ڌاريو نه، بلڪه انهيءَ ئي گهر جو سربراهه هو، جنهن جون هنجون اهي ٻار هجن. پر سوال هي آهي ته:
ڇا هو واقعي قاتل هو يا اهو هڪ اهڙو قيدي هو، جيڪو مهانگائيءَ، بک، ۽ ذهني اذيتن جي ڪُوهيئڙيءَ ۾ سالَن کان قيد هو؟ پاڙيسري چون ٿا ته هو خاموش رهندو هو، هن جي اکين ۾ ڪو وسامڻ وارو درد هو، گهڻو ڳالهائيندو نه هو، بس گهر جي ضرورتن کي ڪئين پورو ڪجي هڪ پيء جي حيثيت پنهنجي معصوم ٻارن کي بک وگهي تڙپندو ڪئين ٿو ڏسي سگهي . شايد هو ڏينهن رات صرف سوچيندو رهيو:
"اڄ ٻارن لاءِ ماني ڪٿان آڻيان بيمار نياڻي لاءِ دوا ڪٿان وٺي اچان ڪٿي وڃان؟ ڪنهن کي حال ٻڌايان”۽ پوءِ، جڏهن سڀ در بند ٿيا، جڏهن غربت کيس هارائي ڇڏيو، جڏهن ڪابه اميد نه بچي، ته هن جنون جي آخري حد پار ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي ئي جگر گوشن کي هميشه لاءِ نه چاهيندي به موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. پوليس رپورٽ ۽ تحقيقات پوليس، حسبِ روايت، موقعي تي پهتي، لاش اسپتال پهچايا ويا، قاتل گرفتار ڪيو ويو، ۽ تفتيس جو نئون داستان شروع ٿيو. بيان ورتا ويا، سبب ڳوليا ويا، ۽ “ذهني توازن درست نه هجڻ” جو پراڻو جملو ٻيهر فائلن ۾ لکيو ويو. پر پوليس کان ڪنهن نه پڇيو ته: "ڪهڙي عدالت ۾ غربت کي مجرم بڻائيندؤ؟
ڪهڙي چارج شيٽ مهانگائيءَ خلاف داخل ٿيندي ۽ ڪهڙو انصاف ملندو ان پيءُ کي، جيڪو قاتل ٿيڻ کان اڳ فريادي هو. هي واقعو رڳو هڪ گهر جي ديوارن اندر جي الميي تائين محدود ناهي، هي هڪ سماج لاءِ آئينو آهي، هڪ ڌڪ آهي: اُن حڪومت لاءِ، جيڪا مهانگائي جا گراف ته ٺاهي ٿي، پر بکين ماڻهن لاءِ ڪو گراف ناهي. اُن واعدن لاءِ، جيڪي غربت ختم ڪرڻ جا خواب ڏيکاري رهيا هئا.
هي واقعو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن قاتل هٿ نه هوندو آهي، پر حالتون هونديون آهن، سماج جو نظارو هوندو آهي، ۽ نظام جو تماشو هوندو آهي. ڪربلا هر دور ۾ ورجائجي ٿي، هر گهٽيءَ ۾، هر گهر ۾.پر هن ڀيري، يزيدي ڪرسيءَ تي ويٺل شهنشاهه نه هو، بلڪه:اها مهانگائي هئي، جيڪا ڪنڌ تي ڪهاڙو بڻجي بيٺي هئي، اها بک هئي، جيڪا ٻارن جي ساھ کي ڳڙڪائي وئي، ۽ اهو سماج هو، جيڪو هر شيءَ ڏسندي به خاموش رهيو. هي هڪ رڙ آهي، هڪ سڏ آهي، ۽ هڪ سوال:”اڃا ڪيترا ٻار مرندا، اڃا ڪيتريون مائرون مرنديون،اڃا ڪيترا پي قاتل بڻبا،اڃا ڪيتريون ڪربلائون اينديون ۽ گهر گهر ۾ لهي آيل 10 محرم جي شام جو ماتم ٿيندو. ۽ اسان خاموش رهنداسين؟