اسلام آباد (بيورو) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت وچ اوڀر جي موجودا ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب حج اڏامن جو شيڊول ملتوي ٿيڻ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته حج اڏامن ۾ دير وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ حج 2026 جا سمورا انتظام طئي ٿيل شيڊيول موجب جاري آهن، بيان موجب عوام اهڙين خبرن تي يقين نه ڪن، هن وقت حج پانڌيئڙن جي ويزا جي جاري ٿيڻ ۽ ٻين ضروري انتظامن جو عمل جاري آهي، وزارت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي ته حج پانڌيئڙن جي روانگي سان لاڳاپيل سڀ مرحلا وقت سر مڪمل ٿي سگهن، حج اڏامن جي شيڊول جو باضابطه اعلان عيدالفطر کانپوءِ ڪيو ويندو، ترجمان موجب عيدالفطر کان پوءِ حج پانڌيئڙن کي انهن جي حج اڏامن، مڪي ۽ مديني ۾ رهائش ۽ ٻين انتظامن بابت مڪمل تفصيل فراهم ڪيا ويندا ته جيئن هو پنهنجي روانگي جي تياري اطمينان سان ڪري سگهن.