اسلام آباد (م ڊ) جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪارروائين کي عوام آڏو آڻڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس يحيیٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي تجويز تي رڳو 3 ميمبرن حمايت ڪئي، جڏهن ته 11 ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي. جسٽس منصور علي شاهه آئين جي آرٽيڪل 19-اِي جو حوالو ڏيندي چيو ته عدالتي مقررين ۾ شفافيت عوامي اعتماد لاءِ ضروري آهي. پر قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور اعوان چيو ته ڪارروائي جي رازداري ڪميشن جي 2010 جي قانون تحت لازمي آهي، جنهن لاءِ ترميم ضروري آهي. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جا نمائندا غير حاضر رهيا، جنهن بعد انهن جي جاءِ تي ٻيا ميمبر نامزد ڪيا ويا.