ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير ۽ ترجمان سنڌ حڪومت شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 5 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، جڏهن جنرل ضياءُالحق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت تي راتاهو هنيو. هن چيو ته ڀٽو جو قتل عالمي سازش جو حصو هو، جنهن جو مقصد پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجڻ کان روڪڻ هو. شرجيل ميمڻ موجب ڀٽو پاڪستان کي اسلامي دنيا جي اتحاد جي علامت بڻايو ۽ ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو. 5 جولاءِ کان پوءِ ملڪ ۾ آمراڻي سوچ هٿي ورتي، عوامي حق سلب ٿيا ۽ جمهوري ادارا ڪمزور ٿيا.