ڪراچي: لياري ۾ ڪريل عمارت جي ملبي تي ويٺل جمعو خاصخيلي ٻن ڏينهن کان پنهنجن پيارن جي انتظار ۾ آهي. هيل تائين سندس پنج مائٽن جا لاش ملي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ پٽ اڃا به لاپتا آهي. جمعو خاصخيلي ٻڌايو ته هو 1978ع کان انهيءَ عمارت جي پهرين ماڙ تي ٻن ڪمرن واري فليٽ ۾ ڪرائي تي رهو ٿو، جتي سندس ٻه پٽ ۽ سندن زالون، سندس پنهنجي زال ۽ هڪ پوٽو گڏ رهندا هئا. واقعي وقت هو ڪم تي ويو هو، پر جڏهن عمارت ڪرڻ جي خبر ملي ته ڊوڙي پهتو، جتي سندس سڄو خاندان ملبي هيٺ دٻجي ويو. سندس چوڻ هو: ڪالهه کان رڳو لاشون نڪري رهيا آهن، منهنجي دنيا اجڙي وئي. هن چيو ته لاش سرد خاني ۾ آهن ۽ پٽ جي لاش ملڻ بعد گڏيل تدفين ڪئي ويندي. جمعو خاصخيلي دعويٰ ڪئي ته کين ڪو به نوٽيس نه مليو هو، جيڪڏهن ڪو نوٽيس هيو ته ان کي ظاهر ڪيو وڃي.