ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو نظر مان گذري. اها وڊيو گذريل عام چونڊن کان ٿورڙي وقت اڳ جي هئي، جنهن ۾ هڪ صاحب قرآن پاڪ تي هٿ رکي حلف کڻي رهيو هو ته جيڪڏهن هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ته هو پنهنجي پارٽيءَ ۽ ان جي ووٽرن سان وفادار رهندو. هن حلف کڻڻ جي پٺيان سبب سڀني کي معلوم آهي.
اٺ فيبروري 2024ع جي عام چونڊن کان چند ڏينهن اڳ، پاڪستان جي سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کان ان جو چونڊ نشان بيٽ کسي ورتو هو. ان فيصلي جي نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن، تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي بيٽ جو نشان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سو، اهي اميدوار مختلف نشانن سان آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ لڳا. پر اصل ۾ اُهي تحريڪ انصاف جا ئي نمائندا هئا، جيڪي ووٽرن جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻي رهيا هئا ته هو پنهنجي پارٽي سان غداري نه ڪندا.
اٺ فيبروري تي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي تفصيل عام ماڻهن کي چڱيءَ ريت معلوم آهي. تحريڪ انصاف جي حمايت ڪندڙ ووٽرن مختلف نشانن تي بيهندڙ انهن اميدوارن کي وڏي انگ ۾ ووٽ ڏنا، جيڪي حقيقت ۾ عمران خان جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. نتيجي طور، انهن مان ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين پهچي ويا. تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا ۾ حڪومت ٺاهي، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.پر هتي هڪ اهم سوال پيدا ٿيو. تحريڪ انصاف جي انهن اميدوارن کي ووٽ ته ان جي نالي تي مليا هئا، پر ڪجهه آزاد حيثيت سان ڪامياب ٿيا، ته ڪي وري سني اتحاد ڪائونسل جي نالي سان اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيا. انهيءَ ابهم صورتحال جي بنياد تي سپريم ڪورٽ هڪ اهڙو فيصلو ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽن کان محروم ڪيو ويو.
هي فيصلو سامهون اچڻ کان پوءِ، قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ووٽن سان پهتل ڪجهه چونڊيل نمائندن تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي وڃن. انهن مان ئي هڪ صاحب، وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري، باضابطه طور تي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سبب اهو ٻڌايو ويو ته هو چونڊن ۾ آزاد حيثيت سان ڪامياب ٿيو هو، تنهن ڪري هو ڪنهن به پارٽيءَ ۾ وڃڻ لاءِ “آزاد” آهي.پر سوال هي آهي ته ڇا اها اخلاقي آزادي هئي؟ ڇا اها ضمير جي وڪرو ٿيڻ جي اجازت هئي؟ جنهن شخص پنهنجي چونڊ مهم دوران قرآن پاڪ تي هٿ رکي اها پڪ ڪرائي ته هو پنهنجي پارٽيءَ سان وفادار رهندو، سو ڪيئن نه شرمندو ٿيو، جڏهن وفاداريءَ جي نالي تي سندس زبان ڦري وئي؟ ڇا اقتدار، وزارت يا مخصوص سيٽن جي لالچ انسان جي ايمان کي پوئواري بڻائي ڇڏيندي آهي؟
اهڙا عمل صرف فردي نه هوندا آهن، انهن جا اجتماعي اثر پوندا آهن. جتي هڪ طرف ووٽر جي اعتماد سان کيڏڻ آهي، اتي ٻي پاسي جمهوريت جي تقدس کي لتاڙڻ به آهي. جن ماڻهن جي ووٽن سان چونڊجي آيا، انهن کي وساري، ڪنهن ٻي سياسي ڇانوَ هيٺ وڃڻ، نه صرف غداري آهي پر اخلاقي ڀڃڪڙي پڻ آهي.اهو ئي آهي، جو اڄ جي سياست ۾ ضمير، اخلاص، اصول ۽ وفاداريءَ جا لفظ ڪتابن تائين محدود ٿي ويا آهن. ميدان ۾ فقط سياسي موقعا پرست ۽ ڪارا دل وارا ماڻهو رهجي ويا آهن، جن لاءِ قرآن پاڪ به فقط هٿ رکڻ جو هڪ سياسي اوزار آهي، جنهن کي هو پنهنجو مطلب پورا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
عوام اڃا به بي خبر نٿو رهي. اُها وڊيوز، اهي حلف، اهي دعوائون ۽ وري انهن جي نفي سڀ ڪجهه عوام ڏسي رهيو آهي. وقت ايندو ته تاريخ انهن ڪارا دل وارن ماڻهن کي سندن اصل صورت سميت وائکو ڪندي، ۽ پوءِ ڪابه صفائي، ڪوبه دليل، سندن بدنيتيءَ کي لڪائي نه سگهندو. جيڪو قرآن تي هٿ رکي به نه شرمائينجڏهن هڪ چونڊيل نمائندو، پنهنجن ئي ووٽرن کي دوکو ڏئي، پنهنجي حلف کان ڦري وڃي ته پوءِ اهو منظر فقط هڪ سياسي خيانت نه، پر اخلاقي ۽ ديني انحطاط جو اظهار هوندو آهي. گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي اهڙي ئي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ هڪ سياستدان چونڊن کان اڳ قرآن پاڪ تي هٿ رکي، عمران خان سان وفاداريءَ جو قسم کڻي رهيو هو. پر اقتدار جي راهن ۾ جڏهن هن پنهنجا رستا مٽايا ته اها ئي وڊيو سندس لاءِ چٿرن جو باعث بڻجي وئي.
مان اها وڊيو ڏسي حيرت ۾ اچي ويس، ته آخر هڪ مسلمان ڪيئن قرآن پاڪ تي کنيل حلف کان مُڪرجي سگهي ٿو؟ هي منظر نه ته ڀارت جو هو، نه اسرائيل جو. هي تماشائو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آهي، جتي آباديءَ جي اڪثريت پاڻ کي مسلمان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي. پوءِ اهو ڪهڙو لمحون هوندا، جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي ربّ سان ڪيل عهد کي ڀلجي ويو؟پر ڇا فقط سياستدان ئي پنهنجي حلفن تان ڦرندا آهن؟ ڇا صرف ايوانن جي سياست ئي ضميرفروشي جي علامت بڻجي چڪي آهي؟ اسان کي پنهنجي اردگرد به نظر ڦيرائڻ گهرجي، پنهنجي اندر به جھاتي وجهڻ گهرجي. اسان جي سماج ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جن جا دليون ڄڻ ته سيل ٿي چڪيون آهن، جن جي ضمير تي انداهيءَ جو پردو اچي چڪو آهي.
قرآن پاڪ اسان کي ٻڌائي ٿو ته:
"الله سندن دلين، ڪنن ۽ اکيُن تي مهر ڪري ڇڏي آهي، ۽ انهن لاءِ ئي عذاب آهي”
(سوره البقره، آيت 7)
رسول الله ﷺ جي حديث شريف آهي:
”جڏهن انسان گناهه ڪري ٿو ته ان جي دل تي هڪ ڪارو چُٽو لڳي ٿو، ٻيهر گناهه ڪري ٿو ته ٻيو داغ لڳي ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت داغن جو سلسلو جاري رهي ٿو، جيستائين سڄي دل ڪاري ٿي وڃي. پوءِ الله ان دل تي سيل لڳائي ڇڏي ٿو“
بخاري شريف ۾ آهي ته: اهي دليون جيڪي ڪاريون ٿي وڃن ٿيون، انهن تي الله جو قهر جو مهر لڳي وڃي ٿو. پوءِ انسان ۾ ربّ جو خوف باقي نه رهي ٿو، سندس دل انداهيءَ جي ڍڳيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. سوره اعراف ۾ الله هڪ اهڙي قوم جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا ظاهري طور نابينا نه هئي، پر روحاني طور ڀٽڪيل هئي، گمراهه هئي، بي بصيرت هئي.
اسان کي اها ڳالهه چوڻ جي ضرورت ئي ناهي ته اڄ اسان جي سماج ۾ عدل ۽ انصاف جي ڇا حالت آهي. قرآن اسان کي سچ ڳالهائڻ جو حڪم ڏئي ٿو، پر اسان جي مجلسن، عدالتن، اخبارن ۽ اسيمبلين ۾ ڪوڙ کي هنر سمجهيو پيو وڃي.
سو، جڏهن ڪو شخص قرآن پاڪ تي هٿ رکي وفاداري جو حلف کڻي، ۽ پوءِ ان کان مُڪرجي وڃي ته اهو رڳو هڪ سياسي غداري نه، بلڪه ايماني طور تي هڪ وڏي بغاوت آهي. ان قسم جي بغاوت نه فقط شخص کي برباد ڪري ٿي، پر اها سماج جي اخلاقي ڇڪتاڻ جو به سبب بڻجي ٿي.
هي ڪاريون دليون هي سيل ٿيل ضمير، هي من مهڻا چهرا دراصل ان تباهيءَ جا آثار آهن، جن بابت قرآن اڳڪٿي ڪري چڪو آهي. سوال فقط هي آهي ته اسين ڪڏهن سجاڳ ٿينداسين؟ يا اسان به انهن مان ٿينداسين، جن جي اکين تي پردو آهي، جن جا ڪن ٻوڙا آهن، ۽ جن جا دل الله جي حڪمن کان غافل ٿي چڪا آهن؟
تنهن هوندي به، مان ادب سان ايترو عرض ضرور ڪندس ته، جيڪي حڪمران ملڪ بدلائڻ جا بلند بانگ دعوائون ڪن ٿا، اهي پهريان پنهنجو پاڻ بدلائين. جڏهن ڪو شخص، جيڪو قرآن پاڪ تي حلف کڻي وفاداريءَ جو وعدو ڪري، پوءِ ان وعدي تان ڦري، ۽ اهو ئي شخص اوهان جي سياسي مجلسن ۾ اوهان جي ڀرسان ويٺو نظر اچي، ته پوءِ هڪ عام صحافيءَ وانگر، منهنجي جهڙي گستاخ جي نظرن ۾ اوهان جون سڀ خوبيون ڌنڌليون ٿي وڃن ٿيون.مون وانگر سوچيندڙ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هڪ ئي سوال گونجي ٿو: ڇا ڪو اهڙو ماڻهو، جيڪو ڪوڙ تي بيٺو آهي، ان جي مدد سان ملڪ کي سچائيءَ جي راهه تي آڻي سگهجي ٿو؟ ڇا ڪو اهڙو رستو، جيڪو ضمير جي سوديبازيءَ مان گذري ٿو، سڌائيءَ ڏانهن وڃي ٿو؟
ياد ڪريو، جڏهن 2018ع ۾ جنرل قمر جاويد باجوه ۽ جنرل فيض حميد عمران خان جي حڪومت قائم ڪرائي، تڏهن شهباز شريف ئي هئا، جيڪي چئي رهيا هئا ته:
”اسان جي پارلياماني ميمبرن جون وفاداريون زور زبردستيءَ سان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي“
جنهن عمل کي 2018ع ۾ غلط چيو پئي ويو، اهو 2025ع ۾ به غلط هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اقتدار جي چند مهينن يا سالن جي لالچ ۾، الله جي حڪمن جي نافرماني ڪئي وڃي، ته پوءِ اهو ظلم فقط قوم سان ناهي، پر پنهنجي ضمير سان به آهي.
سوره الرعد ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: ته”الله ڪنهن قوم جي حالت تڏهن تائين نٿو بدلي، جيستائين اها قوم پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائي“ جيڪڏهن واقعي اسان کي پاڪستان کي بدلائڻو آهي، ته پوءِ سڀ کان اول پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو. ظاهري طاقت، چالبازين، سازشن ۽ ڪوڙين وفادارين تي ڀروسو نه، بلڪه فقط الله تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. ڇو ته:”هر ذي روح کي موت جو مزو چکڻو آهي، ۽ زمين تي جيڪي ڪجهه آهي، اهو سڀ فنا ٿيڻو آهي. باقي رهڻ واري فقط الله جي ذات آهي.“اهڙا ماڻهو، جيڪي الله جي حڪمن جي نافرماني ڪن ٿا، جن جا دل ڪارا ٿي چڪا آهن، اهي نه ته ڪنهن قوم جي رستي جا رهبر ٿي سگهن ٿا، نه ئي انهن جي هٿن مان ڪا تقدير سنورجي سگهي ٿي.قومن جي نئين راهه جو سفر، اخلاص، سچائي، ۽ ايمانداريءَ سان شروع ٿئي ٿو. نه ته ڪوڙن حلفن، ۽ نڪتل ضميرن سان.