ڪجهه ڏينهن اڳ 2 جولاءِ تي پي ٽي وي جي نامياري پروڊيوسر هارون رند جي ورسي هئي، ان موقعي تي هر سال وانگر هن سال به کيس ياد نه ڪيو ويو پر ان حوالي سان پاڻ کي نه رڳو هارون رند جون پي ٽي وي لاءِ ڏنل خدمتون ياد اچي رهيون آهن پر پي ٽي وي ڪراچي جي سنڌي پروگرامن جو سونهري دور پڻ ياد اچي رهيو آهي. جڏهن اسان پي ٽي وي جي ان سونهري دور جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اهو سونهري دور سنڌي پروگرامن جي معيار جو هو جڏهن ته پي ٽي وي انتظاميا ۽ پاليسي سازن جو پهرين ڏينهن کان سنڌي پروگرامن سان زيادتين، ناانصافين ۽ ظلمن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو هو سو پي ٽي وي جي هر دور ۾ رهيو ۽ اڄ تائين جاري آهي جنهن جي وري پنهنجي بدترين تاريخ رهي آهي.
اسان پي ٽي وي تي سنڌي پروگرامن جي جنهن سونهري دور کي ياد ڪيون ٿا تنهن بابت نئين نسل کي اهو ٻڌي ڏندين آڱريون اچي وينديون ته پي ٽي وي جي اڌ ڄمار ۾ سنڌي پروگرامن کي روز جي ٽرانسميشن ۾ صرف هڪ پروگرام سو به 25 منٽن جو ڏنو ويندو هو ۽ ڪمال اهو آهي ته صرف 25 منٽن جي هفتيوار پروگرامن ۾ سنڌي پروڊيوسرن، هدايتڪارن، اداڪارن، فنڪارن، ليکڪن، ميزبانن، ڳائڻن، موسيقارن پنهنجي عظيم صلاحيتن سان شاندار ۽ يادگار پروگرام ڪري ڏيکاريا. ان جو ڪارڻ سنڌي ٻولي سان سنڌين جي ڪمٽمنٽ هئي، جذباتي وابستگي هئي، اها سوچ ڪار فرما هئي ته پي ٽي وي جي ان پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي، ثقافت، سنگيت، ادب ۽ فن جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ اها خدمت انهن ايئن سمجهيو ته مفت ۾ پئي ڪئي. پي ٽي وي جو معاوضو خاص ڪري سنڌي پروگرامن جي پروڊيوسرن، هدايتڪارن، اداڪارن، ڳائڻن، ليکڪن، اديبن اسڪرپٽ رائٽرز، نيوز ڪاسٽرن کي جيڪو ڏنو ويندو هو سو ٻڌائيندي به انهن کي شرم ايندو هو ته سڄي ملڪ اندر هلندڙ پي ٽي وي نالي هڪڙو ٽي وي چينل خيرات نما وظيفو ڏنو ويندو آهي. پر جيئن پاڻ لکيو آهي ته اهي پيسن لاءِ نه پر سنڌي ٻولي، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت جي مفاد ۾ ڪم ڪندا هيا تنهن ڪري سندس ڪم ۾ قومي جذبو نمايان هوندو هو جيڪو سندن ڪم ۽ ڪارڪردگي ۾ واضح نظر ايندو هو.
ڳالهه پئي ڪئي سين 25 منٽن جي پروگرامن جي دوراني جي ته ان 25 منٽن واري دوراني ۾ به سنڌي پروگرامن ۾ ڪمال جي ورائٽي هوندي هئي، ست ئي ڏينهن مختلف موضوعن تي پروگرام هوندا هيا مثال طور هڪ ڏينهن ڊرامي جو، هڪ ڏينهن موسيقي جو، هڪ ڏينهن ادب جو، هڪ ڏينهن سياسي واءُ سواءُ جو، هڪ ڏينهن نوجوانن جو، هڪ ڏينهن سگهڙن جو، هڪ ڏينهن ٻارن جي پروگرام جو. اهي سڀ پروگرام شاهڪار هيا. هفتي ۾ هڪ ڏينهن 25 منٽن جي ڊرامن مان به علي بابا جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ عالمي ايوارڊ ماڻيو جنهن جو پروڊيوسر هارون رند هو.
اها به حقيقت آهي ته پي ٽي وي جي ابتدائي ٽيهن پنجٽيهن سالن ۾ سنڌي قوم طرفان وڏن مطالبن مان اهو به وڏو مطالبو ڪيو ويندو هو ته پي ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو دورانيو 25 منٽن مان وڌائي گهٽ ۾ گهٽ ۾ ڪلاڪ ڪيو وڃي. نيٺ تمام وڏي عرصي کان پوءِ اهو مطالبو تسليم ڪيو ويو ۽ سنڌي پروگرامن جو دورانيو ڪلاڪ ٿيو.
پر هاڻي اهي پروگرام به ڄڻ ختم ئي ٿي ويا آهن. فيصلو ڪيو ويو ته قومي ٻولين جا پروگرام صرف نيشنل پي ٽي وي چينل تان هلندا پر شڪايتون آهن ته اتي پراڻا پروگرام ٽيليڪاسٽ ڪيا وڃن ٿا، نوان پروگرام گهٽ ئي ٿين ٿا. مطلب ته پي ٽي وي جي سرڪاري وفاقي چينل تي به سنڌي پروگرامن سان نظراندازي جو اهو ورتاءُ ٿي رهيو آهي جهڙو ملڪ جي ننڍن صوبن ۽ انهن جي قومن سان ٿي رهيو آهي.پي ٽي وي جو ڪراچي سينٽر ته ڄڻ اڄ بس پي ٽي وي جي ميوزم بڻجي ويو آهي جنهن کي ٽڪيٽ وٺي جيڪر رڳو ڏسڻ وڃجي ۽ پراڻيون سونهري دور جون يادون تازيون ڪجن. رپورٽون آهن ته هاڻي سڀ پروگرام وفاقي گادي جي شهر اسلام آباد مان ٿين ٿا. ڪراچي ٽي وي سينٽر تان هاڻي ڪي به نوان پروگرام نه ٿا ٿين، پڇيو وڃي ٿو ته چون ٿا ته بجيٽ ئي مختص ناهي ته پروڊيوسر ڪيئن پروگرام شروع ڪن. جڏهن ته ٻئي پاسي ڏسجي ته سنڌي خانگي چينل تي وڏي ڪاميابي سان هلي رهيا آهن ۽ پروڊڪشن ۾ خاص ڪري ٽيڪنالاجي جي حوالي سان اتي تمام وڏي ترقي به نظر اچي ٿي ته جدت به پر پي ٽي وي جو سرڪاري چينل به وري وقت سان اجڙندو ئي نظر اچي ٿو جيڪا حيرت جي ڳالهه آهي.
پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ان صورتحال جي ڪا ڳڻتي ناهي ته پي ٽي وي جو عظيم ادارو تباهه ٿي چڪو آهي ٿيڻ ته ائين گهرجي ته پي ٽي وي جنهن کي سرڪاري فنڊ ۽ وسيلا ججها ملي سگهن ٿا سا ترقي جا نوان ريڪارڊ قائم ڪري پر اها ماضي جو هڪ داستان بڻيل رهجي وئي آهي. پر اسان جو خيال آهي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ يعني صوبن ڏانهن اختيار منتقل ٿيڻ جو لاڀ پي ٽي وي کي به ملڻ گهرجي جنهن سان فنون لطيفه سان سلهاڙيل طبقو خاص ڪري سنڌي عوام کي روزگار سان گڏ پنهنجيون فني ۽ تخليقي صلاحيتون ڏيکارڻ جو وسيع موقعو ملي ويندو سو سنڌ حڪومت کي ان پاسي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. هن وقت ته اتفاق سان پ پ جي ٽيڪ تي ئي مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت قائم آهي تنهن جو فائدو وٺندي پ پ قيادت کي گهرجي ته اها سنڌ ۽ سنڌي عوام جي نمائندگي ڪندي پي ٽي وي جي ڪراچي سينٽر کي وري فعال ڪرائي ۽ خاص ڪري اتي سنڌي پروگرام ڪرائڻ جي لازمي ڪوشش ڪري جو اهو سنڌي قوم جو به مطالبو آهي. ٻي صورت ۾ اسان سمجهنداسين ته سنڌي پروگرامن سان مخصوص تعصبي ظلم، زيادتي ۽ ناانصافي جو سلسلو اڃان جاري آهي جيڪو ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي