برساتن جو نئون سلسلو، ٻوڏ ۽ درياهن ۾ چاڙهه جو الرٽ جاري

اسلام آباد (م ڊ) اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ اڄ کان پنج جولاءِ تائين چوماسي برساتن جي الرٽ جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته موسمياتي تبديليون معمول کان وڌيڪ برساتن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، جنهن سبب اربن فلڊنگ ۽ ٻوڏ جا خطرا وڌي ويا آهن. اداري موجب ڪراچي، حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽي سميت سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ 2 جولاءِ کان 5 جولاءِ تائين تيز برسات جو امڪان آهي، جتي اربن فلڊنگ جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پوٺوهار، ايبٽ آباد، مانسهرا، هري پور، بالاڪوٽ، مري ۽ گليات ۾ به برساتن جو امڪان آهي. خيبرپختونخوا جي شهرن پشاور، چارسده، نوشهرا، ڪوهاٽ، سوات، چترال، ڊي آءِ خان، بنون ۽ مردان ۾ نه رڳو اربن فلڊنگ جو خطرو آهي پر سوات ۽ ڪابل درياهه ۾ وهڪرو وڌڻ جا به امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. لاهور ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به تيز مينهن جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ٻڌايو ته خاص طور اترين علائقن ۾ گليشيئر ڳرڻ سبب برساتن سان گڏ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.