سوات واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گھرجي

تحرير: دوست حفيظ چنا

ڪجهه ڏينھن اڳ سوات جي خوبصورت وادي ۾ پيش آيل المناڪ واقعو، جتي هڪ پورو خاندان درياءَ جي وهڪري ۾ زندگيءَ جي آخري جنگ وڙهندي رياست ۽ ان جي تحفظ ڏيندڙ ادارن جي امداد جي انتظار ۾ واجهائيندو رهيو، ان سانحي فقط انسانن کي نه پر انسانيت کي به ٻوڙي ڇڏيو. هيءَ صرف هڪ حادثو نه، پر بي حسي، نااهلي ۽ رياستي مشينري جي مڪمل ناڪاميءَ جو چٽو ثبوت آهي.رپورٽن موجب اهو خاندان لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين مدد جي اميد ۾ تڙپندو رهيو. ڏينهن جو وقت هو، موسم صاف هئي، پر نه ڪا ايمرجنسي ٽيم، نه ريسڪيو بوٽ، نه لائيف جيڪٽ، نه ئي ڪو تربيت يافته غوطه خور ٽيم پهتي. حالانڪه هي ملڪ ڊزاسٽر مينيجمينٽ جي نالي سان ادارا هلائي ٿو، جن تي هر سال اربين رپيا خرچ ٿين ٿا.

 افسوسناڪ ڳالهه آهي ته سوات جهڙي دل ڏاريندڙ سانحي تي به حڪومتي حلقا سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ لڳل آهن. وفاقي وزير عطا تارڙ وزيراعليٰ گنڊاپور کان استعيفيٰ جو مطالبو ته ڪري ٿو، پر ڪنهن به حڪومت وٽ پنهنجي نااهل ادارن جي غفلت جو جواب ناهي. معصوم زندگيون درياءَ جي بي رحم وهڪرن ۾ ٻڏي وڃن ۽ حڪمران بيان بازين سان پنهنجي ناڪامي لڪائڻ ۾ مصروف رهن، اهو عوام سان ظلم آهي.

اسان وٽ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيز (PDMA) جون وڏيون وڏيون دعوائون ٿين ٿيون. پر جڏھن عام ماڻهو جي جان بچائڻ جي ڳالهه اچي ٿي، ته اهي ادارا صرف فائيلن، رپورٽن ۽ سلوگنز تائين محدود نظر اچن ٿا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اهي ادارا ايڏي وڏي ايمرجنسيءَ ۾ به غير فعال آهن، ته پوءِ سندن وجود جو جواز ڇا آهي ؟هڪ معصوم خاندان، جنهن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هو پنهنجي ٻارن سان خوبصورتي ڏسڻ نڪتا پر بدقسمتي سان حادثي جو شڪار ٿي ويا، گھڻي دير تائين تڙپندا رهيا پر رياستي ادارن پاران مدد لاءِ ڪو هٿ سندن پاسي نه وڌيو ته پوءِ اهو طئي سمجهو ته هي رياست عام ماڻهو لاءِ ناهي هي رياست فقط پروٽوڪول، فوٽو سيشن ۽ تقريرن لاءِ آهي.

عجيب سانحو آهي ته جتي حڪمران نڪرن ٿا، اتي سيڪيورٽي لاءِ سوين اهلڪار، ڊرون، ايمبولينس ۽ فائر برگيڊ موجود هوندي آهي، پر جڏهن عام ماڻهو لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال هوندو آهي، تڏهن هر وسيلو غائب. ان سانحي کان پوءِ رڳو عوام نه پر سڄي قوم جو ضمير لُڏي پيو آهي.اسان سمجھون ٿا ته ھن واقعي تي لاڳاپيل ادارن ۽ خصوصن NDMA خلاف شفاف جاچ ٿيڻ کپي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي،ايمرجنسي سسٽم کي عوام لاءِ متحرڪ بڻايو وڃي.جيڪڏهن اڃان به خاموشي اختيار ڪئي وئي، ته سڀاڻي درياءَ سوات ۾ ٻڏندڙ ٻيو ڪو نه، شايد اسان مان ئي ڪو هجي.

هيءَ صرف هڪ حادثو نه، پر بي حسي، نااهلي ۽ رياستي مشينري جي مڪمل ناڪاميءَ جو چٽو ثبوت آهي.رپورٽن موجب اهو خاندان لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين مدد جي اميد ۾ تڙپندو رهيو. ڏينهن جو وقت هو، موسم صاف هئي، پر نه ڪا ايمرجنسي ٽيم، نه ريسڪيو بوٽ، نه لائيف جيڪٽ، نه ئي ڪو تربيت يافته غوطه خور ٽيم پهتي. حالانڪه هي ملڪ ڊزاسٽر مينيجمينٽ جي نالي سان ادارا هلائي ٿو، جن تي هر سال اربين رپيا خرچ ٿين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.