نيتن ياهو اسرائيل جو سڀ کان ڊگهو عرصو اقتدار سنڀاليندڙ سياستدان آهي. سندس پهريون دور 1996 کان 1999 تائين ، ٻيو دور 2009 کان 2021 تائين ۽ ٽيون دور 2022 کان اڄ تائين جاري آھي. 2019 ۾ سندس وزار اعظميٰ جي دور ۾ ئي مٿس فراڊ ۽ رشوت جا ڪيس داخل ٿيا. 2020 ۾ھن خلاف عدالت ۾ ڪارروائي شروع ٿي. پر ڪووڊ جي ڪري مقدمي جي ڪارروائي ملتوي ٿي وئي.الزام ثابت ٿيڻ تي کيس ٽن کان ڏهن سال جي ٽيپ جي سزا ملڻ جو امڪان آھي. ساڳئي وقت ملڪ ۾ سندس خلاف احتجاج ۽ مظاهرا شروع ٿي ويا آھن، سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
هن چونڊون ڪرايون ۽ هارائي ويو. 2021 کان 2022 تائين ھو اپوزيشن ليڊر رهيو ھو. پر گڏيل حڪومت جلد ئي اندروني اختلافن جي ڪري ڊھي وئي ۽ نئين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو ۽ هو 2022 ۾ ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويو. ان ھوندي ھو اڪثريت حاصل ڪري نھ سگهيو آھي۽ انتها پسند يهودين سان اتحادي ڪري گڏيل حڪومت ٺاهي آھي.
اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سندس پهريون ڪم مٿس قائم ڪرپشن جي ڪيسن کي ختم ڪرڻ هو، ۽ ان حوالي سان ھن لاڳاپيل عدالتن جي اختيارن کي گهٽائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي. جنهن کان پوءِ سندس خلاف احتجاج شروع ٿيا. سپريم ڪورٽ ان قانون سازي کي رد ڪري ڇڏيو. نيتن ياهو جي حڪومت خلاف احتجاج جاري ئي هئا تھ 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس اسرائيل تي حملو ڪري ڏنو. جنهن ۾ 1200 ماڻهو مارجي ويا.
ماهرن مطابق اسرائيلي انٽيليجنس حڪومت کي خبردار ڪيو هو ته حماس ڪنهن غير معمولي سرگرمي ۾ مصروف آهي. پر جيئن ته نيتن ياهو حڪومت پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ واري ڪم ۾ رڌل هئي ۽ انٽيليجنس وارننگ تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. حڪومت جي مطابق حماس تھ هميشه ڪا نھ ڪا ڪارروائي ڪندي رھندي آهي. حماس جي حملي کان پوءِ، اسرائيلي عوام پنهنجا سڀئي اختلاف وساري نيتن ياهو جي اڳواڻي ۾ متحد ٿي ويو. پارليامينٽ گڏيل طور تي حماس خلاف سخت ڪارروائي جي حمايت ڪئي ۽ اڳتي جيڪو ڪجهھ ٿيو اھو تاريخ جو حصو آھي.
جڏهن جنگ ڪجهه ڊگھي ٿي وئي تھ ھو ڀيرو ٻيھر اسرائيلي شهرين نيتن ياهو خلاف مظاهرا ڪرڻ لڳا ۽ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ته پهرين يرغمالين کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪارروائي ڪرڻي آهي ته اھا ڪئي وڃي. جڏهن نيتن ياهو عوامي دٻاءُ هيٺ جنگ ختم ڪرڻ يا يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو سوچيندو ھو ته پارليامينٽ ۾ سندس انتها پسند يهودي اتحادي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندا ھئا. نيتن ياهو پنهنجي حڪومت وڃائڻ نھ پئي چاهي ۽ حالتن ھٿان ڦاسندو ويو.
ٻئي طرف حماس پڻ پنهنجي مظلوميت جي راند جاري رکي. اها پنهنجا ماڻهو تھ مارائي رهي ھئي پر يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ سنجيده نه ھئي . حماس پنهنجن ئي شهرين کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته اسرائيلي ڪيئن بيگناهه ماڻهن جي قتل عام ۾ مصروف آهن. وچ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ جنگ بندي ٿي. هڪ اسرائيلي يرغمال جي بدلي ۾ ڏهه يا ويهه فلسطيني قيدي آزاد ڪيا ويا. دنيا ڏٺو ته حماس جاويڙهاڪ وڏي شان شوڪت سان اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو پئي.جنھن مان لڳندو ھو تھ انھن ڄڻ دنيا فتح ڪئي ھجي.
هاڻي جنگ بندي ٿي بھ چڪي ۽ ٽٽي بھ چڪي آهي. ننڍي پيماني تي بمباري جاري آھي. ڏسڻو اهو آهي ته حماس باقي اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ٿو يا نه.ھن وقت جنگ بندي ٽٽڻ بعد ٻيھر آمريڪا ۽ اسرائيل جنگبندي تي راضي ٿي ويا آھن. جنھن تي عمل اڃان ٿيڻو آھي.جيئن ئي اسرائيل ۾ صورتحال معمول تي اچي ويندي، بنجمن نيتن ياهو جو اقتدار به ختم ٿي ويندو. پر اسرائيل موجود رهندو. اسرائيل ۾ نئين قيادت اچي ويندي. جيڪا پنهنجي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽ سماجي انصاف لاءِ ڪم ڪندي.
پر ڇا حماس جيڪا وڏي حد تائين تباهه ٿي چڪي آهي، پنهنجي جهادي جذبي کان باز ايندي؟ پهرين ته مظلوميت جو ڪارڊ کيڏي ڪري يورپي ملڪ امداد فراهم ڪندا هئا، جيڪو ماڻهن تي خرچ ڪرڻ بدران هٿيارن جي ذخيري تي خرچ ڪيو ويندو هو پر هاڻي ڪو به ملڪ جنهن ۾ يورپ به شامل آهي، فلسطينين کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هاڻي فلسطينين کي پنهنجي صورتحال پاڻ درست ڪرڻي پوندي.