چوڻي آ ته جن کي ستي سياست جي پيتل هوندي آهي اهي ڦري گهري وري به سياست جو ئي رخ ڪندا آهن کين ڪو به ٻيو ڪاروبار نوڪري هانوَ تي ناهي پوندي، ڀٽو خاندان کي به سياست واري ستي پيتل آهي سي سياست کان ٻاهر پنهنجي منزل نٿا سمجهن ۽ سياست کي ئي پنهنجي منزل سمجهن ٿا. ڀٽي خاندان جي اڪيلي وارث ۽ شهيد مرتضيٰ جو فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونئير ۽ سندس ڀيڻ فاطمه ڀٽو سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. بقول ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي ته پارٽي جي نالي ۽ تنظيم سازي جو هو جلد اعلان ڪندو. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ۽ سندس ڀيڻ پنهنجي زندگي جو وڏو حصو ملڪ کان ٻاهر رهيا آهن جتي هنن مختلف رخن سان سياست تي تحقيق ڪئي آهي مطلب ته سياست ۾ ڪڙهي نڪتا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ته فقراهي رنگ ۾ پاڻ کي رنگي ڪڏهن ناچو ته ڪڏهن سياح طور سامهون آڻي پوري دنيا کي سوچڻ تي مجبور ڪيو جڏهن ته فاطمه وري اخباري ڪالمن لکڻ کي ترجيح ڏني جنهن جو سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ ڪنهن چئلنج کان گهٽ نه هوندو.
ڀٽو خاندان جي هن اڪيلي وارث ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي نئين پارٽي کي منظرعام تي آڻڻ واري اعلان سياست ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو آهي هونئن به پاڪستان جو عام ماڻهو نئين ۽ مستحڪم سياسي پارٽي جي قيام جو منتظر هو ڇاڪاڻ ته عوام ڪيئي ڏهاڪن کان هر هر اقتدار ۾ ايندڙ ۽ رهندڙ پارٽين کان تنگ نظر اچن ٿا ۽ ڪنهن نئين عوامي سوچ ۽ نظريي جي حامي پارٽي جا منتظر آهن.پي ٽي آءِ کي عوامي حمايت حاصل آهي ۽ وقت جي مقبول پارٽي بڻجي چڪي آهي پر اها هن وقت سياسي انتقام جو باعث بڻيل آهن جنهن جي ويجهڙائي ۾ اقتدار ۾ اچڻ جا ڪي به امڪان نظر نٿا اچن جو اها اسٽيبلشمنٽ خلاف آهي ۽ جيڪي اسٽيبلشمنٽ جون حامي آهن تن جو ئي اقتدار تي هڪ طرفو قبضو آهي جنهن سان ملڪ بدامني مهانگائي غربت ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي.پاڪستاني روپيو پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺو آهي. اسٽيبلشمنٽ به مجبور آهي جو ان آڏو متبادل مستحڪم سياسي پارٽيون موجود ناهن. فيبروري 24 جي عام چونڊن کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي ڪُک مان نڪتل خاقان عباسي جي اڳواڻي ۾ نئين پارٽي عوام پاڪستان ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهي، جنهن جي اسٽيبلشمنٽ کي اميد هئي.اسٽيبلشمنٽ اندروني طور پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) مان به گهڻو خوش ناهي پر مجبوري ۾ کين گڏ کنيو ويٺي آهي.اسٽيبلشمينٽ خود به چاهي ٿي ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي متبادل ڪا نئين مستحڪم ۽ مضبوط پارٽي جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي اعلانيل نئين سياسي پارٽي کي اسٽيبلشمنٽ ڪيئن ڏسندي يا ڪيتري قدر ان کي اهميت ڏيندي اهو وقت ٻڌائيندو ته نئين پارٽي جو منشور ۽ اسٽيبلشمنٽ طرف جهڪاءُ ڪيترو هوندو ۽ اها ملڪ جي بقا ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪيتري سنجيده ٿي سگهي ٿي.
ذوالفقار علي جونيئر وطن واپسي کانپوءِ سياست طرف جنهن نموني وک وڌائي آهي هر ماڻهو ان کان باخبر آهي.هن ٻين صوبن ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جو دورو به ڪري چڪو آهي جتي کيس مثبت موٽ به ملي آهي سنڌ جو عام ماڻهو به کيس چاهي ٿو جو هن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خاص ڪري ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي معدني وسيلن ۽ اثاثن تي ٿيندڙ قبضن تي سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ پنجاب کي ڏنل اها ڌمڪي به گهٽ ناهي جنهن ۾ هن چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ته سنڌ پنجاب ڏانهن ويندڙ تيل گئس بجلي ۽ بندرگاهه به بند ڪري ڇڏيندو. جونئير جي اهڙي ڌمڪي سان سندس وجود ۾ ايندڙ سياسي پارٽي تي پنجاب اندر منفي اثر پئجي سگهن ٿا.پنجاب ملڪ جو وڏو صوبو آهي جيڪو اقتداري ايوانن تائين رسائي جو مک وسيلو آهي جنهن لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو کي پنجاب لاءِ پنهنجي جذباتن ۾ به ڪجهه نرمي ڪرڻي پوندي.اسٽيبلشمنٽ به ڪڏهن اهو نه چاهيندي ته وفاق کي ڪير ڪمزور ڪري تنهنڪري جونئير کي اسٽيبلشمنٽ سان به ٺاهي هلڻو پوندو ۽ ان جون همدرديون به وٺڻيون پونديون.ساڳي وقت کيس آمريڪا ۽ آمريڪي اسٽيبلشمنٽ سان به ٺاهي هلڻو پوندو ٻي صورت ۾ نئين سياسي پارٽي ايترو جٽاءَ شايد نه ڪري سگهي.
نيئن ٺهندڙ پارٽي کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪجهه مشڪلاتون ۽ رنڊڪون به پيش اچي سگهن ٿيون اهو ان ڪري جو اتان جو سرمائيدار، وڏيرو، سردار ۽ چوڌري جيڪو اقتداري ڌرين ۽ اسٽيبلشمنٽ جو حصو آهي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي سياسي بيانن ۽ روين کي اشو بڻائي سندس سخت مخالفت ڪندا ۽ سندس ووٽ بئنڪ ٺهڻ نه ڏيندا.ذوالفقار علي ڀٽو جونئير پ پ شهيد ڀٽو جيڪا سندس والد شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي پارٽي آهي ان جي نئين سر تنظيم ڪرڻ بدران نئين پارٽي کي اڳيان آڻڻ جو به ڪو خاص مقصد هوندو. پ پ شهيد ڀٽو خلاف پنجاب ۽ سنڌ ۾ تحفظات آهن هن پارٽي کي پاڪستان مخالف پارٽي جا الزام مڙهي ڪري ان کي ماضي ۾ ڪمزور يا عوام کان پري رکيو ويو آهي.ذوالفقار علي ڀٽو جونئير اهڙي ڪنهن تڪراري تاثر کي مٽائڻ لاءِ نئين نعري هيٺ نئين پارٽي آڻڻ جو ارادو رکي ٿو.
ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سنڌ سميت چئني صوبن جو جيڪو به سياسي رابطن وارو دورو ڪيو آهي کيس مثبت موٽ ملي آهي جنهن ۾ کيس ملڪ جي بهتري لاءِ سٺي سوچ رکندڙ انهن سياستدانن جيڪي هن وقت پ پ، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ مان مايوس ٿي پاسيرا ٿي ويٺل آهن سي سندس نئين پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا جيڪي مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ لاءِ ڳرو امتحان ثابت ٿي سگهن ٿا بهرحال اهو ڏسڻ لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو ته پارٽي جو ڪهڙو منشور هوندو ۽ ڪهڙو نالو هوندو ۽ شروع ۾ ڪهڙا سياستدان هن پارٽي جو حصو بڻبا يا باني اڳواڻ ٿيندا. پارٽي ٺاهڻ سولي ڳالهه ناهي ان لاءِ مخلص ماڻهن جي ضرورت پوندي آ ڏسجي ته جونيئر اهڙو خال ڪيئن ٿو پورو ڪري سگهي البته جونيئر ۽ فاطمه ڀٽو جو سياست ۾ اچڻ ۽ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ وارو اعلان پ پ لاءِ سياسي مسئلا ۽ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿو .