واپڊا عملي کي شل نه ڪو بهانو هٿ اچي. ان بهاني کي نظر ۾ رکندي بجلي بند ڪريو ڇڏين. هونئن به ارڙهن ڪلاڪن کان ويهن ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. خاص ڪري اهو حشر ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ٿي رهيو آهي. ڪڏهن به ڪا تيز هوا لڳي يا برسات پئي ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين بجلي بند رهندي آهي. تازو برساتون پيون آهن. جنهن بنياد تي تقريبن سڄي سنڌ اوندهه ۾ تبديل ٿي ويئي آهي. بجلي جي فراهمي معطل ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾، اخبارن ۾ خبرون ڇپجن ٿيون. جيڪي ان ڳالهه جي شاهدي ۽ گواهي لاءِ ڪافي آهن. تازين برساتن دوران اخبار ۾ پڙهيم ته، ٽنڊي ڄام جي مير ڪالوني جي رهواسين بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. واپڊا انتظاميا برسات پوڻ جي ڪري ڊگھي لوڊشيڊنگ ڪئي هئي.
سنڌ جي اڪثر ٻهراڙين واري علائقن ۾ اهو حشر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. البته شهري آبادي ۾ ٿورو هٿ هلڪو رکيو وڃي ٿو ۽ نرمي ڪئي وڃي ٿي. بهرحال بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي ۽ پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪيترا به احتجاج ڪيا وڃن، ريليون ڪڍيون وڃن، ڌرڻا هنيا وڃن ۽ جلسا جلوس ڪڍيا وڃن. پر، واپڊا انتظاميا تي ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي. انهن جي ڪنن تي جونءِ به ڪانه ٿي چُري. کين ڪابه پرواهه ئي ڪونه آهي. ته عوام رڙيون ڪري رهيو آهي. انهن ڏانهن ڪو ڌيان ڏجي. حڪمران به خاموش آهن. ڄڻ انهن کي هن اهم مسئلي جي ڪابه خبر ئي ڪونه آهي. هو ان سڄي معاملي کان ناواقف آهن. ياد رهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ زندگي جي ڪاروهنوار کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. ان جا هر شعبي تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. جيڪي ملڪي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ آهن.
رڳو بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ماڻهو پريشان آهن. پر، گئس جي لوڊشيڊنگ به ڪئي پئي وڃي. جنهن به منجهائي وڌو آهي. گئس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري رڌ پچاءُ ۾ رخنو پئجي ٿو. گئس جي لوڊشيڊنگ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ جاري رهي ٿي. خاص ڪري کاڌي پيتي جي تياري مهل گئس غائب هوندي آهي. پوءِ گئس جو انتظار ڪرڻو ٿو پوي ته اها ڪيڏي مهل ٿي اچي جو رڌ پچاءُ ڪجي. اهو هڪ سنگين مسئلو آهي. اڳ ۾ ته گھرن ۾ باهه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون استعال ڪيون وينديون هيون ۽ کاڌو پچايو ويندو هو. هاڻ ڪاٺيون ڪونه ٿيون ملن. وڻ وڍجي ويا آهن. هن وقت ڪاٺيون ملن ته ٿيون پر، اهي تمام گھڻيون مهانگيون آهن. جيڪي غريب ماڻهو خريد ڪري نه ٿو سگھي، ڪن هنڌن تي گئس جي فراهمي ته ڪئي وڃي ٿي. پر، گئس جو پريشر نه هئڻ ڪري کاڌي تيار ڪرڻ ۾ وقت لڳيو وڃي ٿو ته ڪن هنڌن تي مورڳو گئس هوندي ڪونه آهي. غريب ماڻهو سراپا سورن ۾ آهن. جن جي زندگي عذابن ۽ ڏکن ۾ گذري پئي. حڪمرانن ڪيترائي دفعا اهو اعلان ڪيو آهي ته، گئس جي لوڊشيڊنگ کاڌي تيار ڪرڻ مهل ڪونه ڪئي ويندي پر، ان تي عمل ڪونه ڪيو پيو وڃي. اهو صرف اعلان ئي آهي. ان کان اڳتي ڪجهه به ڪين آهي. حڪومت هن عوامي مسئلي ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه پئي ڏئي. جنهن ڪري گئس جي لوڊشيڊنگ وڌندي پئي وڃي ۽ سبب اهو پيو ٻڌايو وڃي ته ملڪ ۾ گئس جي کوٽ آهي. اها کوٽ ختم ڪرڻ جي ذميواري به حڪومت جي آهي، جنهن ۾ به هو ناڪام نظر اچي رهي آهي.