گذريل حڪومت جيان هن کي به هلڻ نه ڏينداسين: فضل الرحمان

بٽگرام (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان گذريل حڪومت کي هلڻ نه ڏنو هو، هن حڪومت کي به هلڻ نه ڏينداسين.
بٽگرام ۾ شعار اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيئن 2018ع جي چونڊن کي تسليم نه ڪيو ويو هو، تيئن ئي 2024ع جي چونڊن کي به نٿا مڃون، انهن چونڊن ۾ به ڌانڌلي ٿي ۽ جڏهن چونڊون ۽ حڪومتون ڌانڌليءَ تي بيٺل هجن ته پوءِ ڪرپشن تي شڪايت ڪرڻ جو ڪهڙو جواز؟
هن چيو ته اهڙيون حڪومتون نه هليون آهن نه هلنديون، عوام جي فيصلي اڳيان سر جهڪائڻو پوندو، جمعيت جا ڪارڪن عملي ميدان ۾ موجود هوندا ۽ ڪاميابي انهن جو مقدر بڻجندي.
سندس چوڻ هو ته اسان ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني چاهيون ٿا ۽ اڳتي وڌندي ملڪ ۾ انقلابي تبديلي آڻينداسين، الله جي طاقت اسان سان گڏ آهي، اسان حڪومت جي مخالفت ۾ بيٺل رهنداسين، بٽگرام جو اجتماع ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام اسان سان گڏ آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ جي سلامتي کي مقدم رکندڙن کي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي ته هو هڪ هفتي جي نوٽيس تي اسلام آباد تي قبضي جو منصوبو ٺاهين؟ هڪ هفتو لڳندو ۽ سڄو اسلام آباد انهن جي هٿ ۾ هوندو پر اسان چاهيون ٿا ته حالتون ان حد تائين نه وڃن.
هن خبردار ڪندي چيو ته طاقتور قوتون پنهنجي طاقت تي ايترو به ڀروسو نه ڪن جو سمجهن ته ڪو به انهن کي للڪارڻ جي سگهه نٿو رکي، اسان سخت حالتن ۾ آمريڪا جهڙي عالمي طاقت کي به للڪاريو آهي ۽ هاڻ به عوامي طاقت سان سياسي جنگ وڙهنداسين. قانون ۽ آئين جي حدن ۾ رهي اسان ملڪ جي نظام کي تبديل ڪنداسين.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ جا حڪمران اڻڄاڻ ۽ نااهل آهن، قوم جو مال لٽجي رهيو آهي ۽ اسان ملڪ کي آئين جي پٽڙي تان لاهيندڙن آڏو ڀت بڻجي بيٺا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.