پشاور(م ڊ)خيبرپختونخوا جي مشير اطلاعات بئريسٽر سيف چيو آهي ته پنجاب حڪومت سوات واري واقعي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهي آهي.هڪ بيان ۾ بيرسٽر سيف چيو ته خيبرپختونخوا جو سرڪاري هيليڪاپٽر عوام جي سهولتن لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، ۽ جنهن هنڌ غلطي ٿي، اتي وزيراعليٰ ڪي پي فوري ڪارروائي ڪئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته متاثر ٿيل علائقن ۾ وزيراعليٰ سيلاب جي متاثرن لاءِ مالي امداد جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 75 ڄڻن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي.