مير علي ۾ فورسز تي بزدلاڻو حملو ڪيو ويو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل بزدلاڻي حملي جي سخت  لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪ فوج جي 13 جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔هڪ بيان ۾ هن  چيو ته هي رڳو هڪ قافلي تي حملو نه هو، پر پوري قوم جي دل تي وار آهي، ۽ سڄي قوم ان حملي جو جواب اتحاد ۽ عزم سان ڏيندي،شرجيل انعام ميمڻ شهيدن جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي قوم ۽ حڪومت سنڌ هن ڏکي گهڙي ۾ پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهي،هن چيو ته هي وطن اسان جي شهيدن جي رت سان سنواريو ويو آهي، ۽ اسان جي جوانن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون،هن چيو ته بيگناهن جون حياتيون کسيندڙ ۽ گهر اجاڙيندڙ ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، خوارجن جو هي عمل کليل بزدلي ۽ پاڪستان دشمني جو ثبوت آهي،هن زور ڀريو ته دهشتگردي خلاف جنگ ڪنهن هڪ اداري جي نه پر پوري قوم جي گڏيل جنگ آهي، جنهن ۾ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،شرجيل انعام ميمڻ سڀني سياسي جماعتن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪئي ته اهي دهشتگردي خلاف قومي بيانئي کي وڌيڪ مضبوط ڪن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.