اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته قدرتي آفت جي وقت رليف ڏيڻ صوبائي حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي، هن چيو ته سوات درياهه تي پيش آيل افسوسناڪ واقعي بعد ڊي سي کي معطل ڪرڻ بدران وڏي وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، ڇو ته وڏي وزير سڄو انفراسٽرڪچر تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻيٽ نما پٿر تي ڦاٿل ماڻهن کي ڪلاڪن تائين ريسڪيو نه ڪيو ويو،ڪافي دير کان پوءِ ڪوشش ڪئي وئي، سوال اٿاريائين ته خيبرپختونخوا جو هيليڪاپٽر ريسڪيو لاءِ ڇو نه استعمال ٿيو؟، عطا تارڙ چيو ته ايمرجنسي ريسڪيو سروس جو نيٽورڪ چوڌري پرويز الاهي جي دور ۾ شروع ٿيو، جڏهن ته شهباز شريف ان کي سڄي ملڪ تائين وڌايو، هن چيو ته سوات درياهه ۾ ماڻهو ڪلاڪن تائين مدد لاءِ پڪاريندا رهيا، پر ريسڪيو ٽيمون دير سان پهتيون، ۽ صوبائي حڪومت جو هيليڪاپٽر استعمال نه ڪيو ويو،عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته هي صرف سياحن جي موت جو معاملو نه آهي، پر پي ٽي آءِ جي ناڪام حڪمراني جو انجام به آهي.