شهرين کي موبائل فون تي موسم جي اڳواٽ ڄاڻ ڏني وڃي:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)ملڪ ۾ جاري برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال جي پسمنظر ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، چيئرمين اين ڊي ايم اي ٽيليفوني ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم کي ملڪ اندر تازين برساتن جي صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو، وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي آهي ته شهرين کي موبائل فون پيغامن ذريعي موسم بابت اڳواٽ ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي بروقت اطلاع ملي سگهي،وزيراعظم شهباز شريف اين ڊي ايم اي کي ملڪ ڀر ۾، خاص طور تي مٿئين علائقن ۾، صوبائي حڪومتن سان ويجهو رابطو رکڻ ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڏني آهي، ان سان گڏ، وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ريسڪيو ادارن، ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومتن سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ سرگرم ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.