ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس فيض شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ بحريا ٽائون ڪراچي ڊي جي ايس بي سي اي پاران سروي ڪرڻ جي لاءِ جيڪي ڪميٽي ٺاهڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت بحريا ٽائون جي درخواست تي اسٽي آرڊ جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ايم ڊي اي سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 28آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار جي وڪيل فاروق ايچ نائيڪ چيو ته ڊي جي ايس بي سي اي 19مئي تي بحريا ٽائون جي سروي جي لاءِ 11رڪني ڪميٽي ٺاهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته ڇا ڪڏهن پهرين بحريا ٽائون جو سروي ڪيو ويو ۽ عمارتون ڪهڙي طرح ٺاهيون ويون آهن. عدالت چيو ته پهرين سروي ٿيڻ گهرجي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڊي جي ايس بي سي اي کي ڪميٽي ٺاهڻ جو اختيار نه آهي، رهواسين کي هراسان ڪيو پيو وڃي، عدالت چيو ته بحريا اهڙو وڏو آهي ان جو رقبو ڪهڙو آهي ان تي جاچ ٿيڻ گهرجي، وڪيل چيو ته ڪهڙي قانون جي تحت ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، قانون ٻڌايو وڃي، سپريم ڪورٽ ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو هو احتساب عدالت ۾ ڪيس داخل آهي، بحريا ٽائون هر اداري سان جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.
-
قومي اسيمبلي جي ميمبر ناز بلوچ کان ڀتو طلب ڪندڙ ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور
ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه جي عدالت فيصلو ٻڌائيندي قومي اسيمبلي جي ميمبر کان ڀتو گهرڻ ۽ فائرنگ جي ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن جي ضمانت منظورڪري ورتي آهي، پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبليجي ميمبر ناز بلوچ کان مبينا طور 25 لک ڀتو گهرڻ ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ گرفتار ٻن جوابدارن شهناز ۽ خورشيد جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، عدالت هر جوابدار کي 50-50 هزار رپيا ضمانت طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.