گهريلو گيس واهپيدارن لاءِ اگهه برقرار، صنعتن لاءِ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس۾ ملڪ ۾ گيس تي هلندڙ پاور پلانٽن ۽ صنعت لاءِ گيس جي اگهن ۾ سراسري 10 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته گهريلو واهپيدارن تي بار نه وڌايو ويندو، رڳو فڪسڊ چارجز ۾ معمولي تبديليون عمل ۾ آنديون وينديون. وزارت قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق پاران پيش ڪيل تجويز تي غور ڪندي اي سي سي کنڊ جي درآمد جي به منظوري ڏئي ڇڏي. کنڊ جي درآمد لاءِ 10 رڪني اسٽيرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهي غذائي تحفظ بابت وفاقي وزير ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.