لاهور (م ڊ) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته روايتي جنگي حڪمت عملي کي جديد گهرجن سان ليس ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي، ڇو ته هندي سمنڊ جي خطي ۾ طاقت جي عالمي ڇڪتاڻ سبب تبديليون تيزيءَ سان اچي رهيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب، ايڊمرل نويد اشرف پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور جو دورو ڪري4هين اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙ آفيسرن سان خطاب ڪيو. هن خطاب دوران پاڪستان کي پيش ايندڙ ميري ٽائم سڪيورٽي چئلينجن ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال بابت خيالن جو اظهار ڪيو. نيول چيف زور ڀريو ته مستقبل جون جنگيون کٽڻ لاءِ ذهين ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان ليس افرادي قوت جي تياري ضروري آهي. پاڪ نيوي روايتي ۽ غير روايتي هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي. ايڊمرل شرڪت ڪندڙن جي پيشيوراڻي محنت جي واکاڻ ڪندي، ڪورس مڪمل ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني.