بيجنگ (م ڊ) چين، آمريڪا سان واپاري معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته معاهدي تحت آمريڪا واپاري پابنديون ختم ڪندو، جڏهن ته چين برآمدي ڪنٽرول تحت شيون جائزي بعد منظور ڪندو. چيني واپار واري وزارت موجب، ٻنهي ملڪن جنيوا معاهدي جي عملداري لاءِ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن جي تفصيلن تي حتمي تصديق لندن ڳالهين کانپوءِ ٿي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته چين ۽ آمريڪا هڪٻئي جي ويجهو ايندا ۽ سندن واپاري لاڳاپا صحتمند ۽ مستحڪم طريقي سان اڳتي وڌندا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وائٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.